نيويارڪ – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وز??راعظم انوارالحق ڪاڪڙ چي?? آهي ته ڪئناڊا ۾ سک اڳواڻ جو قتل اولهه جي لاءِ جهٽڪ?? آهي، هاڻي انهن جون اکيون کليون آهن، پاڪستان ڏهاڪن کان ڀارتي دهشتگردي جو شڪار آهي، ڀارت ۾ اقليتن کي نشانو بڻايو پيو وڃي، اهڙي رويي کي روڪڻ جي لاءِ اتحاد ٺاهڻ جي سخت ضرورت آهي، ڀارت جي غير??ان??ني ??بضي هيٺ ڪشمير ۾ ڪشميرين جي نسل ڪشيءَ سان انساني الميو جنم وٺي رهي?? آهي، ذخيره اندوزن ۽ ڊالر مافيا جي خلاف ڪارروائي جي نتيجي ۾ کنڊ ۽ غذائي جنسن جي قيمتن ۾ گهٽتائي آئي آهي، حڪومتي پاليسين جي ڪري ٻاهريان سيڙپڪار پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ تيار آهن، اميد آهي اليڪشن ڪميشن چونڊن جي تاريخ جو اعلان جلد ڪندي، چونڊن ۾ سمورين سياسي پارٽين کي برابر موقعا فراهم ڪيا ويندا ۽ ??ان??ن جي خلاف ورزي ڪندڙن جي خلاف ??ان??ن موجب منهن ڏنو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستاني ??شن ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته نيويارڪ دورو پڄاڻي تي پهتو ۽ ان دوران ملڪي سربراهن ۽ اهم وفدن سان ٻرطرفيون ملاقاتون ٿيون، مجموعي طور تي هي دورو ڪامياب رهيو. هن چيو ته دوري دوران گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري انتونيو گوتريس سان ملاقات ٿي، دوري دوران ڪشمير مسئلي ۽ ڀارتي هندوتوا تي ڳالهه ٿي، مختلف فورمز تي موسمياتي تبديلي جو معاملو پڻ اٿاريو. نگران وز??راعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته ڪشمير ۽ فلسطين مسئلي ۽ موسمياتي تبديلي بابت پاڪستان جو موقف ڀرپور انداز ۾ پيش ڪيو، قوم جي ڀرپور انداز ۾ نمائندگي ڪئي. هن چيو ته ايراني صدر سان ملاقات دوران گهڻ رخي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. نگران وز??راعظم چيو ته پاڪستان ڏهاڪن کان ڀارتي دهشتگردي جو شڪار آهي، ڀارت دهشتگردي کي هٿيار طور استعمال ڪري رهي?? آهي، پاڪستان ڀارت سان تعميري ڳالهه ٻولهه لاءِ تيار آهي. هن چيو ته ڪئناڊا ۾ سک اڳواڻ کي بي رحمي طريقي سان قتل ڪيو ويو ان سان اولهه ملڪن کي جهٽڪو لڳو هاڻي انهن جون اکيون کليون آهن ۽ اهي سنجيده سوال اٿاري رهيا آهن. هن چيو ته ڀارت ۾ مسلمانن، سکن سميت سمورن اقليتن کي نشانو بڻايو پيو وڃي اهڙي طرح جي رويي جي روڪٿام لاءِ اتحاد ٺاهڻ جي سخت ضرورت آهي. نگران وز??راعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته افغانستان سان تعميري ڳالهه ٻولهه ٿي رهي آهي، پاڪستان افغانستان جي سالميت ۽ خودمختياري جو احترام ڪري ٿو. هن چيو ته ??ان??ن جي خلاف ورزي ڪندڙن کي ??ان??ن موجب منهن ڏنو ويندو. نگران وز??راعظم چيو ته پاڪستان معاشي بحالي ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ جي لاءِ ايس آئي ايف سي جي ذريعي قدم کڻي رهي?? آهي، آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر سان پڻ تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. هن چيو ته آءِ ايم ايف سان اعتماد سازي جي لاءِ قدمن تي عمل پيرا آهيون، جڏهن ايندڙ چونڊيل حڪومت ايندي ته اها پنهنجي منشور موجب آءِ ايم ايف سان ڳالهين کي اڳتي کڻي هلندي. هن چيو ته شين جي پهچ ۽ طلب، ذخيره اندوزي سان مهانگائي ٿئي ٿي، ذخيره اندوزن، کنڊ مافيا، ڪڻڪ مافيا جي خلاف سخت انتظامي قدم کنيا آهن جنهن سان مصنوعي مهانگائي ختم ڪئي آهي، ملڪ ۾ اٽي ۽ کنڊ جي ڪا کوٽ نه آهي، مصنوعي غير??ان??ني ڪرنسي ٽريڊ ۾ مداخلت سان ڊالر جي قيمتن ۾ گهٽتائي آئي آهي جنهن کي ساراهيو وي?? آهي. نگران وز??راعظم چيو ته پاڪستان ۾ اڻوڻندڙ ماحول جو تاثر صحيح نه آهي. هن چيو ته پاڪستان جا آمريڪا سان گهڻ رخا ۽ مضبوط لاڳاپا آهن، آمريڪا ۾ 10 لک پاڪستاني رهن ٿا ۽ مختلف شعبن ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، آمريڪا ۾ پاڪستاني شاگرد اسڪالرشپس تي تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، پاڪ آمريڪا اتحاد ۽ تعاون جي پراڻي تاريخ آهي. هن چيو ته پاڪستان آزاداڻي پاليسي تي عمل پيرا آهي، نگران حڪومت ملڪ جي مفاد ۾ فيصلا ڪري رهي آهي. هن چيو ته جڙانوالا واقعو پاڪستاني رياست جي لاءِ ايتري بدنامي جو سبب نه بڻيو جيترو مني ??ور جا واقعا ڀارت جي لاءِ شرمناڪ آهن، مني ??ور رياست ۾ مسيحي برادري سان اڻوڻندڙ سلوڪ ڪيو پيو وڃي، مني ??ور ۾ سوين مرد عورتن کي قتل ڪيو ويو جڏهن ته جڙانوالا واقعي ۾ ڪو جاني ??قصان نه ٿيو، پاڪستان بطور رياست ذميوارن جي خلاف ڪارروائي ڪئي. مون ۽ آرمي چيف ان واقعي جو سخت نوٽيس ورتو. نگران وز??راعظم چيو ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان چونڊون ڪرائڻ جي تاريخ جو جلد اعلان ڪندي، ڪنهن به سياسي پارٽي کي چونڊ عمل ۾ حصو وٺڻ کان نه روڪيو ويندو، اڃا تائين اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ڪنهن سياسي پارٽي تي پابندي ناهي لڳائي، جيڪو ملڪي ??ان??نن جي خلاف ورزي ڪري ۽ شهرين جي جان ۽ مال کي نقصان پهچائي ۽ پوءِ چوي ته ان جو سياست سان تعلق آهي ته اهڙي طرح جي سرگرمين تي بنا دير جي ??ان??ن موجب ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته ??ان??نن ۾ ڪنهن سان صنفي فرق نه ٿو ڪيو وڃي، ??ان??ن تي عمل پيرا آهيون، ڪنهن ٻاهرئين قوت کي جوابده نه آهيون، اسان خودمختيار ملڪ آهيون. هن چيو ته پاڪستاني شهري هجن يا ٻين ملڪن سان تعلق رکندا هجن، ??ان??ن جي خلاف ورزي تي انهن جي خلاف پاڪستاني ??ان??ن موجب ڪارروائي ٿيندي. نگران وز??راعظم چيو ته نگران حڪومت سمورين سياسي پارٽين سان شفاف ۽ غيرجانبدراڻو رويو رکندي، نواز شريف جي معاملي تي ??ان??ن تي عمل ڪيو ويندو. هن چيو ته روس اسان جو اهم پاڙيسري ملڪ آهي ان سان هر سطح تي تعميري لاڳاپا چاهيون ٿا، گڏيل قومن جي منشور جي ڪنهن ملڪ کي خلاف ورزي نه ڪرڻ گهرجي، ڪنهن خودمختيار ملڪ جي خودمختياري جي خلاف ورزي جي مخالفت ڪريون ٿا. هن چيو ته مسئلا جنگ سان نه ڳالهين جي ذريعي حل ٿيندا آهن، يوڪرين ۽ روس کي ڳالهين تي غور ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ ڪشميرين جي نسل ڪشي ڪري رهي?? آهي، غاصب قوتون منظم طريقي سان مخالفن جي نسل ڪشي ڪن ٿيون، ڪشمير ۾ نسل ڪشي سان انساني الميو جنم وٺي رهي?? آهي، هزارين ڪشميرين کي عدالت کان مٿانهون قتل ڪيو وي?? آهي. هن چيو ته حڪومتي قدمن جي ڪري ڊالر، کنڊ ۽ غذائي جنسن جي قيمتن ۾ گهٽتائي آئي آهي جيڪا حوصلي جوڳي ڳالهه آهي، اسان معيشت کي مستحڪم ڪرڻ جي رخ تي گامزن ڪري چونڊيل حڪومت جي حوالي ڪرڻ جا خواهشمند آهيون. هن چيو ته رجسٽرڊ افغان پناهگيرن جي حوالي سان عالمي ذميواريون آهن جن کي پورو ڪرڻ اسان جي ذميواري آهي، پاڪستان ۾ 50 لک افغان پناهگيرن رهن ٿا انهن ۾ 28 لک رجسٽرڊ ۽ باقي غيررجسٽرڊ آهن غير رجسٽرڊ افغان پناهگيرن کي وطن واپسي جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. هن چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ کي منهن ڏيڻ جي لاءِ جنيوا ڪانفرنس دوران 10 ارب ڊالر جو واعدو ڪيو ويو اميد آهي ان واعدي تي عمل ڪيو ويندو، ان حوالي سان ڪجهه منصوبن تي ڪم شروع ٿي وي?? آهي ۽ باقي تي جلد ڪم شروع ٿيندو، منصوبابندي واري وزارت کي ان حوالي سان فوري قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن چيو ته ڪنهن کي ٻاهرئين ملڪ مان وطن واپس ايندڙ پاڪستانين کي پريشان ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين. هن چيو ته پاڪستان جي سفارتي اڪيلائپ جي شڪار ٿيڻ جو تاثر صحيح نه آهي، گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي ڪيترن ئي ملڪي سربراهن ۽ وفدن سان ملاقاتون ٿيون. انهن پاڪستان سان لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ان اجلاس جي موقعي تي ترڪيه ۽ سعودي عرب ڪشمير تي پاڪستاني ??وقف جي تائيد ڪئي جنهن تي انهن جا ٿورائتا آهيون. پاڪستاني سفارتخانا ٻاهرئين ملڪ بهترين ڪم ڪري رهيا آهن.