نانجنگ – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وف??قي وزير مرتضيٰ سولنگي ثقافتي وابستگي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ميمبر ملڪن جي ميڊيا تنظيمن جي وچ ۾ گڏيل پروڊڪشنز ۽ دستاويزي فلمن جي تياري سميت مختلف شعبن ۾ رابطا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر جي حيثيت سان پاڪستان ميڊيا تعاون جي فروغ لاءِ پرعزم آهي، گڏيل پروڊڪشنز ميمبر ملڪن جي ثقافت ۽ سياحت کي فروغ ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿينديون ۽ ميمبر ملڪ هڪ ٻئي جي تجربن ۽ جديد ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻي سگهندا. شنگهائي تعاون تنظيم جي ٽي وي فيسٽيول جي شرڪت ڪندڙ کي خطاب ڪندي اطلاعات واري نگران وف??قي وزير چيو ته پاڪستان ۽ چين هن سال سي پيڪ جي ڏهين سالگرهه ملهائي رهيا آهن. ستن ڏهاڪن تي ٻڌل پاڪ چين دوستي جو اهو شاندار سفر انفرادي حيثيت رکي ٿو. هن چيو ته ٻئي ملڪ هڪ ٻئي جي لاءِ مضبوط ڀائرن جو درجو رکن ٿا ۽ ان??ن جي وچ ۾ ثقافتي رابطا صديون پراڻا آهن. هن چيو ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي فريم ورڪ سان اهي رابطا وڌيڪ مستحڪم ٿيا آهن. نگران وف??قي وزير چيو ته سي پيڪ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي معاشي تعاون جي شڪل اختيار ڪيل آهن. هن چيو ته چين ۽ پاڪستان 2023ع کي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سياحتي مٽاسٽا جو سال قرار ڏنو آهي جن??ن جو مقصد عوامي سطح تي وف??ن جي مٽاسٽا کي فروغ ڏيڻ سان گڏوگڏ متحرڪ سياحت ۽ ثقافتي ماحولياتي نظام جوڙڻ آهي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) خطي جي ميمبر ملڪن جي لاءِ سماجي، اقتصادي، مواصلات، ميڊيا ۽ ثقافتي شعبن ۾ ٺوس ۽ پائيدار تعاون جي فروغ جي لاءِ ڪارائتو پليٽ فارم آهي، ريڊيو، ٽيليويزن ۽ ??ين آڊيو ويزيوئل مصنوعات جي شعبن ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبرن جي وچ ۾ تعاون تنظيم جي ڪاميابي جو مظهر آهي. هن چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر جي حيثيت سان پاڪستان ميڊيا تعاون جي فروغ لاءِ پرعزم آهي. مرڪزي ميڊيا ۽ سو??ل ميڊيا ۾ تعاون عوامي سطح تي رابطن جي فروغ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندو. اطلاعات واري نگران وف??قي وزير شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي ميڊيا تنظيمن کي پاڪستان سان گڏيل پروڊڪشن ۽ ??ين منصوبن ۾ حصيداري جي دعوت ڏيندي چيو ته ايس سي او ميمبر ملڪ هڪ ٻئي جي تجربن ۽ جديد ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻي سگهن ٿا، گڏيل پروڊڪشنز اسان جي ملڪ جي ثقافت ۽ سياحت کي فروغ ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿينديون.