ڪابل ??? 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) افغانستان جي گادي واري شهر ڪابل ۾ پاڪستاني سفارتخاني ڪالهه جمعي ڏينهن والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري ڀارتي ظل??ن جي خلاف ڪارو ڏينهن ملهايو ۽ غيرقانوني ڀارتي قبضي جي خلاف مزاحمت ۾ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي قربانين کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو ويو. صدر، نگران وزيراعظم ۽ نگران پرڏيهي وزير جا خصوصي پيغام پڻ پڙهي ٻڌايا ويا. ان موقعي تي ڀارتي قابض فوج پاران والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ معصوم مسلمانن تي ڪيل ظل??ن تي هڪ دستاويزي فلم پن ڏيکاري وئي. پنهنج?? خطاب ۾ مشن جي سربراهه سفير عبيدالرحمان ??ظا??اڻي ڪشميرين جي خودمختياري جي حق جي منصفاڻي ??دوجهد ۾ انهن جي اڻٿڪ سفارتي، اخلاقي ۽ سياسي حمايت جو ورجاءُ ڪيو.