اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) نگران و??يراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته حڪومت اليڪشن ڪميشن کي ملڪ ۾ آزاداڻيون، منصفاڻيون ۽ شفاف چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ هر قسم جو تعاون فراهم ڪندي ۽ ان سلسلي ۾ سم??رن ضروري وسيلن جي فراهمي يقيني بڻائي ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن و??يراعظم هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر نگران و??يراعظم کي عام چونڊون منعقد ڪرڻ جي حوالي سان ڪميشن جي تيارين تي بريفنگ ڏني. چيف اليڪشن ڪمشنر نگران و??يراعظم کي عام چونڊن جي تياري جو جائزو وٺڻ جي لاءِ اليڪشن ڪميشن جو ??ور?? ڪرڻ جي دعوت پڻ ڏني. نگران و??يراعظم چيو ته حڪومت اليڪشن ڪميشن کي ملڪ ۾ آزاداڻيون، منصفاڻيون ۽ شفاف چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ هر قسم جو تعاون فراهم ڪندي ۽ سم??رن ضروري وسيلن جي فراهمي يقيني بڻائيندي.