اسلام آباد – 10 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ازبڪستان جي گادي واري شهر تاشقند ۾ 16 هين اي سي او سربراهي اجلاس ۾ عل??ئقائي ??رقي، رابطن ۽ گڏيل خوشحالي جي اي سي او جي هدفن جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ترجمان پريس بريفنگ ۾ چيو ته نگران وزيراعظم تنظيم جي مستقبل جي ڪم ۽ عل??ئقائي ??ابطن ۽ گڏيل خوشحالي جي فروغ لاءِ پاڪستان جو ويزن پيش ڪيو. هن چيو ته نگران وزيراعظم واپار، سيڙپڪاري، ٽرانسپورٽ ۽ مواصلات جي بنيادي ڍانچي جي ترقي ۽ پائيدار اقتصادي ترقي جي لاءِ عل??ئقائي ??عاون جي ضرورت تي زور ڏنو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته نگران وزيراعظم اسرائيلي قابض فوج پاران غزه تي مسلسل بمباري جي شديد مذمت ڪئي ۽ فلسطين مسئلي کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۽ او آءِ سي جي لاڳاپيل قراردادن موجب حل ڪرڻ تي زور ڏنو. نگران وزيراعظم چيو ته وڌندڙ عدم رواداري، زينو فوبيا ۽ اسلامو فوبيا تي عالمي ڌيان جي ضرورت آهي. هن اسلامو فوبيا جي رجحان ۾ اضافي جي خلاف سياسي ۽ قانوني روڪٿام ۽ گڏيل احترام، بين المذاهب هم آهنگي ۽ گڏيل پرامن بقاءَ کي فروغ ??يڻ تي پڻ زور ڏنو. اي سي او سربراهي اجلاس جي موقعي تي نگران وزيراعظم آذربائيجان ۽ ازبڪستان جي صدرن سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪيون. هن اي سي او جي سيڪريٽري جنرل سفير خسرو نوزيري سان پڻ ملاقات ڪئي. ترجمان چيو ته انهن ملاقاتن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ، عل??ئقائي ??ابطن ۽ ترقي کي فعال طور تي فروغ ??يڻ ۽ هڪ تنظيم طور اي سي او کي مضبوط بڻائڻ تي ڌيان ڏنو ويو.