روالپنڊي -21 نومبر (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز ڏکڻ وزيرستان ۽ ڊيره اسماعيل خان ۾ ڳجهي معلومات تي ڪارروائيون ڪيون جنهن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته ڏکڻ وزيرستان ۾ د??سي ساخت جو بم ڦاٽڻ سبب پاڪ فوج جو جوان شهيد ٿي ويو. آءِ ايس پي آر مطابق 20 نومبر 2023ع تي ڊيره اسماعيل خان ضلع جي علائقي ڪلاچي ۾ انٽيليجنس تي ٻڌل آپريشن ڪ??و ويو ۽ شديد فائرنگ جي ڏي وٺ بعد 2 دهشتگرد مارجي ويا. ڏکڻ وزيرستان جي علائقي ڪوٽ اعظم ۾ ڪيل هڪ ڌار ڪارروائي ۾ هڪ ٻيو دهشتگرد مارجي ويو. مارجي ويل ٽنهي دهشتگردن وٽان هٿيار هٿ ڪيا ويا جيڪي سيڪيورٽي فورسز سان گڏوگڏ معصوم شهرين خلاف دهشتگردي جي ڪيترين ئي ڪارروائين ۾ استعمال ٿيندا رهيا. هڪ ٻ??و واقعو اتر وزيرستان صلع جي غو??يوم ۾ پيش آيو جتي هڪ د??سي ساخت جو بم ڦاٽي پيو جنهن جي نتيجي ۾ سپاهي شاهه زيب جنهن جي عمر 26 سال هئي ۽ هو راولپنڊي جو رهواسي هو شهيد ٿي ويو. علائقي ۾ موجود ڪنهن به دهشتگرد کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪارروائيون جاري آهن. آءِ ايس پي آر چيو آهي، ته پاڪستان جون سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن ۽ اسان جا بهادر سپاهي اهڙيون قربانيون ڏئي اسان جي عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪري رهيا آهن.