اسلام آباد-28 ڊسمبر (??ي پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي پنجاب ۾ قا??داعظم يونيورسٽي جي سب ڪيمپس جي تعمير ۾ غير معمولي دير جو سخت نوٽيس وٺندي 4 جنوري تائين انڪوائري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. وفاقي وزير ايڇ اي سي جي ايڊوائيزر پلاننگ ۽ قا??داعظم يونيورسٽي جي پي اينڊ ڊي جي ڊائريڪٽر سان ملاقات ڪئي. هن چيو ته اهڙي طرح جي دير اسان جي نوجوانن جي تعليمي سفر ۾ وڏي رڪاوٽ آهي. هن ايڇ اي سي ۽ قا??داعظم يونيورسٽي کي حڪم ڏنو ته هو ان بات سمورن التوا ۾ پيل مسئلن کي فوري طور تي حل ڪن ۽ ڪيمپس جي جلد ??عمير کي يقيني بڻائڻ لاءِ پنجاب حڪومت سان وڌيڪ تعاون ڪن. هن چيو ته هاڻي وقت اچي ??يو آهي ته لاڳاپيل کاتن کي ناڪاره ۽ غير موثر انتظام لاءِ جوابده بڻايو وڃي. مدد علي سنڌي قا??داعظم يونيورسٽي اسلام آباد جو اوچتو دورو ڪيو، هن هاسٽلز جو دورو ڪيو ۽ چيو ته هاسٽلز جي موجوده حالت رحم جوڳي آهي، هن سهولتن جي ناقص سارسنڀال تي روشني وڌي، شاگردن ساڻس ملاقات ڪئي ۽ ناڪافي تعليمي سهولتن جهڙوڪ انٽرنيٽ جي دستيابي بابت پنهنجي درخواست تي روشني وڌي. نگران وفاقي وزير صورتحال جو نوٽيس وٺندي فوري طور تي هاسٽلز جي بحالي جو حڪم ڏنو، هن چيو ته شاگرد ان وقت تائين تعليم نٿا حاصل ڪري سگهن جيستائين کين بنيادي سهولتون ميسر نه هجن. هن چيو ته جيڪڏهن شاگردن کي اهڙي طرح جي مسئلن کي منهن ڏيڻو پوي ته انهن لاءِ پنهنجي پڙهائي تي ڌيان ڏيڻ ناقابل تصور آهي. هن شاگردن کي خاطري ڪرائي ته هو هاسٽلز جي حالت کي فوري طور تي بهتر ڪرڻ جو حڪم ڏيندو، هن چيو ته اهڙن مسئلن کي جنگي بنيادن تي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ لاڳاپيل عملدارن کي انهن مسئلن جي فوري حل ڪرڻ جو حڪم ڏنو.