ڊيووس – 16 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم ا??وارالحق ڪاڪڙ ۽ لب??ان جي وزيراعظم نجيب ميقاتي ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ۽ معصوم فلسطينين خاص طور تي ٻارن ۽ عورتن تي ڪيل اسرائيلي ظلمن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم ??فيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم ا??وارالحق ڪاڪڙ عالمي اقتصادي فورم جي 54 ??ين سالياني اجلاس ۾ شرڪت جي موقعي تي لب??ان جي وزيراعظم نجيب ميقاتي سان ملاقات ڪئي آهي. ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن پاڪستان لب??ان ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن خطي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن معصوم فلسطينين خاص طور تي ٻارن ۽ عورتن تي ڪيل اسرائيلي ظلمن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو.