اسلام آباد – 16 ?? جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۽ سريلنڪا جي پرڏيهي وزيرن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي ٻطرفي اعليٰ سطح جي دورن ۽ واپار ۽ سيڙپڪاري سميت وسيع تر معاملن تي گڏيل مصروفيتن جي ذ??يع?? انهن ??اڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پاڪستان جي نگران ??رڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ۽ سريلنڪا جي پرڏيهي وزير علي صبري جي وچ ۾ يوگنڊا جي شهر ڪمپالا ۾ غيروابسته تحريڪ (نام) جي سربراهي اجلاس جي موقعي تي ملاقات ٿي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ??وجب ملاقات ۾ نگران ??رڏيهي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان سريلنڪا سان ??نهنجي لاڳاپن کي اهميت ڏي ٿو. هن ??اڪستان جي سريلنڪا سان گڏيل خوشحالي ۽ ترقي جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي عزم تي زور ڏنو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ سريلنڪا جي ٻطرفن مضبوط لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن ??طرفي اعليٰ سطح جي دورن ۽ واپار ۽ سيڙپڪاري سميت وسيع تر معاملن تي گڏيل مصروفيتن جي ذ??يع?? انهن ??اڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو.