اسلام آباد – 17 ?? جنوري (اي پي پي) ايران جي پرڏيهي وزير پا??ست??ن جي نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو آهي جڏهن ته پا??ست??ن جي نگران پرڏيهي وزير چيو آهي ته حملي سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڏو نقصان پهچندو، پا??ست??ن ان عمل ج?? جواب ڏيڻ جو حق محفوظ رکي ٿو. پا??ست??ن جي پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب پا??ست??ن جي نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ايران پاران 16 جنوري تي پا??ست??ن ۾ ڪيل حملي جي سخت مذمت ڪندي ان کي پا??ست??ن جي سالميت جي خلاف ورزي قرار ڏيندي ان کي عالمي قانونن ۽ پا??ست??ن ۽ ايران جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي به کلي خلاف ورزي قرار ڏنو آهي. پڌرائي موجب ايران پاران ڪيل حملي جي سختي سان مذمت ڪندي نگران پرڏيهي وزير چيو ته ان حملي سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڏو نقصان پهچندو. هن چيو ته پا??ست??ن ان عمل ج?? جواب ڏيڻ جو حق محفوظ رکي ٿو. پا??ست??ن جو نگران پرڏيهي وزير جيڪو هن وقت غيروابسته تحريڪ جي وزارتي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ يوگنڊا جي شهر ڪمپالا ۾ موجود آهي، کي ايران جي پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان ٽيليفون ڪئي ۽ نگران پرڏيهي وزير ان موقعي تي چيو ته دهشتگردي جو خطرو خطي جي لاءِ گڏيل آهي ۽ ان کي چِٿڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني واضح ڪيو ته اها هڪطرفي ڪارروائي خطي جي امن ۽ استحڪام کي وڏو هاڃو رسائي سگهي ٿي. هن چيو ته خطي جي ڪنهن به ملڪ کي اهڙي خطرناڪ رستي تي هلڻ نه گهرجي.