اسلام آباد – 25 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد عام چونڊن جي لاءِ ضابطه اخلاق جي ??هميت کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته ميڊيا سميت سمورين ڌرين جي ??نيادي ذميواري آهي ته اهي پاڻ سان لاڳاپيل رهنما اصولن تي ڌيان ڏين ته جيئن چونڊ عمل ۽ ان سان لاڳاپيل سرگرميون خوش اسلوبي سان سرانج??م ڏنيون وڃن. هن اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ (پي آءِ ڊي) جي ??هتمام هيٺ ”چونڊون 2024ع: ميديا سميت سمورين ڌرين جو اخلاقي طرز عمل“ جي موضوع تي منعقد سيمينار جي ??لسلي جي ٽئين سيمينار ۽ مباحثي جي ??رڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي ڪيو. سيمينار کي اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي، پرنسپل انفارميشن آفيسر (پي آءِ او) ڊاڪٽر طارق محمود خان پڻ خطاب ڪيو. پينل ڊسڪشن جي پهرين ۽ ٻئي مرحلي ۾ اليڪشن ڪميشن جي ??رجمان سيد نديم حيدر، تعليمي ماهرن ۽ سينيئر صحافين حصو ورتو ۽ ضابطه اخلاق، ميڊيا ۽ اڪيڊميا جي ڪردار تي روشني وڌي ۽ مثبت تجويزون ڏنيون. اطلاعات ۽ نشريات واري سيڪريٽري شرڪت ڪندڙن جي ??جيان ڪئي ۽ اهم موضوع تي سيمينار منعقد ڪرڻ جي ??سلسل ۾ ٽئين سيمينار جي ڪامياب انعقاد تي پي آءِ او ۽ پي آءِ ڊي جي ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيو. هن چيو ته سيمينار منعقد ڪرڻ خوش آئنده آهي جنهن جي ??ريعي ضابطه اخلاق جي ??هميت کي اجاگر ڪيو پيو وڃي، ڌرين جي ??لچسپي کي نظر ۾ رکندي ان سلسلي ۾ لاهور ۽ ڪراچي ۾ پڻ سيمينارز منعقد ڪرڻ جي منصوبابندي ڪئي آهي، اميد آهي ته سموريون ڌريون ان مان فائدو کڻنديون. اطلاعات ۽ نشريات واري سيڪريٽري چيو ته عام طور تي ضابطه اخلاق کي پابندي جي ڏس ۾ ورتو ويندو آهي، منهنجي ??يال ۾ ضابطه اخلاق کي وسيع تناظر ۾ وٺڻ گهرجي. ان ۾ رهندي جتي رهنما اصول جوڙيا وڃن ٿا اتي ڌرين جي ??حفظ جو پڻ خيال رکيو وڃي ٿو. اميد آهي ته سيمينار ۾ شريڪ ڌريون موضوع کي انهي زاويي سان بحث هيٺ آڻينديون. هن چيو ته هي ان سلسلي جو ٽي??ن سيمينار آهي ۽ ٽنهي سيمينارز ۾ تمام تفصيلي ۽ تعميري ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ مثبت تجويز??ن سامهون آيون آهن جن کي لاڳاپيل پليٽ فارمز تائين پهچايو پيو وڃي. هن چيو ته اها ڳالهه خوش آئنده آهي ته سيمينار جي ??ريعي هڪ تعميري بحث جي ??روعات ٿي آهي جيڪو ارتقا جي لاءِ ضروري آهي.