اسلام آباد-09 مارچ (اي پي پي) صدارتي اليڪشن ۾ مخالف اتحاد جي اميدوار محمود خان اچڪزئي چيو آهي ته آصف علي زرداري کي ملڪ جو صدر چونڊجڻ تي مبارڪون ڏي??ن ٿو، فضل ??لر??مان جو ووٽ ملڻ گهرجي ها. تحريڪ انصاف جي ڪيترن ئي پارليامينٽرين ووٽ نه وڌو، ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٿيو آهي جو نه ڪنهن ووٽ خريد ڪيو ۽ نه ئي ڪنهن وڪرو ڪيو. صدارتي اليڪشن جي نتيجن جي اعلان کانپوءِ پارليامينٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته آصف علي زرداري هڪ مڃيل سياستدان آهي. اميد آهي ته هو ملڪ ۽ قوم کي چئلينجن مان ڪڍڻ لاءِ ٺوس قدم کڻ??د??. ه?? چيو ته شبلي ف??از سميت ڪيترن ئي پارليامينٽرين ووٽ نه وڌو. اميد هئي ته مولانا فضل ??لر??مان جو ووٽ مون کي ملند??. ه?? چيو ته ملڪ خاطر اسان ساٿ ڏيڻ لاءِ تيار آهيون.