اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته آڱرين تي ڳڻڻ جيتري اشرافيه 90 سيڪڙو وسيلن تي قابض آهي، اشرافيه جي لاءِ سبسڊي جو ڪو جواز نه آهي، ٽيڪس ۽ بجلي چوري روڪڻي پوندي، رمضان المبارڪ دوران شين جي مناسب اگهن تي فراهم?? ۽ ??ن جي دستيابي يقيني بڻائڻ جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻي رهيا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي ڪابينا جي پهرين اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته نئين چونڊيل وفاقي وزيرن کي ??بارڪباد ڏيان ٿو، اسان سڀني جي لاءِ هي عزت ۽ اعزاز جو لمحو آهي. هن چيو ته قوم جي خدمت لاءِ چونڊيا آهيون، الله تعاليٰ ذميواري پوري ڪرڻ جي طاقت عطا فرمائي، اسان سڀ گڏجي ڏينهن رات محنت سان عوام جي خدمت لاءِ وڃون، سياسي قيادت، سرڪاري عملدار، پارليامينٽ، صوبا ۽ عوام متحد ٿي نئين ولول?? ۽ ??زم سان ڪم ڪن، تاريخ ۾ اسان جو اهو ذڪر ٿئي ته اسان جيترو ٿي سگهيو خدمت ڪئي، هن چيو ته 8 فيبروري جي چونڊن ۾ مختلف سياسي پارٽين کي ??ينڊيٽ مليو، انهن ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن)، پيپلزپارٽي ۽ ٻيون اتحادي سياسي پارٽيون شامل آهن، اسان کي ان مينڊيٽ جو احترام ڪرڻو پوندو. ان مينڊيٽ جي گ??رج اها آهي ته اسان خدمت جي سفر طرف تيزي سان قدم وڌايون. هن چيو ته گذريل 16 مهينن دوران پوري قوم اسان جي ڪارڪردگي ڏٺي. الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان قوم کي ڏيوالپڻو ٿيڻ کان بچائڻ اسان جي ڪارڪردگي آهي. نگران حڪومت دوران معاشي صورتحال مستحڪم رهي. وزيراعظم چيو ته حالتون ڪهڙيون به هجن اسان هن ملڪ جي ذميواري کڻنداسين. مخالف ڌر کي عام چونڊن کانپوءِ حڪومت ٺاهڻ جي دعوت ڏني پر اهي ڪامياب نه ٿيا. پوءِ اسان اها ذميواري سنڀالي ۽ هاڻي اسان کي تيزي سان اڳتي وڌڻو آهي جنهن جو عوام کي انتظار آهي. هن چيو ته رمضان المبارڪ جو چنڊ نظر اچي ويو آهي. اڱاري تي پهريون روزو آهي جنهن جي پوري قوم کي ??بارڪباد هجي. هي رحمتن ۽ برڪتن وارو مهينو آهي، اسان تراويح ۾ الله آڏو پنهنجي گناهن جي معافي گهرون ۽ ملڪي ترق?? ۽ ??وشحالي جي لاءِ دعا ڪريون. شهباز شريف چيو ته رمضان المبارڪ ۾ وفاقي حڪومت 7 ارب بدران 12 ارب رپين جو پئڪيج ڏنو آهي، يوٽيلٽي اسٽورز تي کاڌي پيتي جون شيون گهٽ قيمت تي دستياب هونديون. موبائيل يوٽيلٽي اسٽورز گذريل سال وانگر قائم ڪيا ويا، بي آءِ ايس پي تحت ڪروڙين ماڻهن کي اربين رپين جي اضافي روڪ رقم ڏني پئي وڃي. هن چيو ته يوٽيلٽي اسٽورز جي مانيٽرنگ ڪئي وڃ?? ۽ ??قدارن ۽ عام ماڻهو کي ??قرر اگهه تي شيون ملڻ گهرجن ۽ انهن جي دستيابي يقيني بڻائي وڃي. وزيراعظم چيو ته هن وقت قوم کي ??ڏو چئلينج مهانگي درپيش آهي، سمورين صوبائي حڪومتن، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير سان گڏجي کاڌي پيتي جي شين جي اگهن کي ڪنٽرول ڪرڻ اسان جو پهريون امتحان آهي. وفاق ۾ قيمتن ۾ ڪنهن به قسم جي خراب?? ۽ ??ين جي عدم دستيابي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي. صوبن ۾ صوبائي حڪومتن سان گڏجي شين جون قيمتون ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻنداسي??. ع??م ماڻهو مهانگائي جي هٿان پيسجي رهيو آهي. آڱرين تي ڳڻڻ جييتري اشرارفيه 90 سيڪڙو وسيلن تي قابض آهي. اهو اسلامي جمهوريه پاڪستان جي روح جي خلاف آهي. ساليانو بجلي جي چوري 400 کان 500 ارب رپيا آه?? ۽ ??لنگ جو بار غريب ماڻهو وڌو وڃي ٿو. اشرافيه کي جيڪا سبسڊي ڏني پئي وڃي ان جو ڪو جواز نه آهي، اهو وڏو فرق آهي، جيترو جلدي اهو ختم ٿئي قوم جو ڀلو ٿيندو. گئس، بجلي جو گردشي قرض اٽڪل 5 هزار ارب رپيا آهي، ملڪ ۾ بجلي وڏي مقدار ۾ موجود آهي، پي آءِ اي سميت سرڪاري ادارن کي ??ڏو خسارو درپيش آهي، نقصان ٿي رهيو آهي، سرڪاري پگهارون اڌار وٺي ڏئي رهيا آهيون، ايماندار ۽ رضاڪاراڻي ٽيڪس ڏيندڙن تي ٽيڪس هنيو وڃي ٿو. پر ٽيڪس بيس نه ٿو وڌايو وڃي، هينئر نه ته ڪڏهن نه، ڪارڪردگي ڏيکارڻي پوندي. غربت، مهانگائي، بيروزگاري ڪرپشن جي خلاف گڏجي جنگ وڙهڻي آهي. هن چيو ته ٽيڪس سليب گهٽ ڪرڻ گهرجي. گڏ ڪيل اوڳاڙين جو ٽيون حصو گم ڪيو وڃي ٿو، اهي چئلينجز ۽ مشڪلاتون اسان سڀني کي درپيش آهن. انهن چئلينجز کي ??نهن ڏيڻ چونڊيل حڪومت جي ذميواري آهي، قوم اسان کي ??وٽ ڏنو آه?? ۽ ??سان الله تعاليٰ ۽ عوام آڏو جوابده آهيون. هڪ لمحي جو وقت ضايع ڪرڻ قبول نه آهي. تجربو ۽ جوان رت ڪابينا ۾ شامل آهي جيڪي ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته عزم ۽ همت سان توهان منهنجو ساٿ ڏيو، گڏجي ملڪ کي عظيم بڻائينداسين، اهي ئي قومون اڳتي وڌن ٿيون جن هر صورت ۾ پنهنجي منزل ماڻڻ جو فيصلو ڪيو، محنت ڪڏهن به رائيگان نه ٿي وڃي. وزيراعظم چيو ته ريٽيلرز تي ٽيڪس هڻڻ جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي، هول سيلر جي ڳالهه ڪير نه ٿو ڪري، محنت، مسلسل محنت ۽ا يثار ۽ قرباني جي جذبي سان ٻيڙي پار لڳندي، اهو اسان جي زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي. هن چيو ته بلوچستان، خيبرپختونخواهه ۾ برسات کان متاثر علائقن جو دورو ڪيو، اسان کي انهن قدرتي آفتن کي ??نهن ڏيڻو آهي، ان سان ايندڙ قيامت خيز تباهي کي ??نهن ڏيڻ جي لاءِ وسيلا گهرجن، اسان کي ??يڪس چوري روڪڻي پوندي، ان سان قرض نه وٺڻو پوندو، تعليم ۽ صحت جي لاءِ وسيلا دستياب هوندا ته جيئن اسان ڪشڪول ٽوڙي سگهون ۽ اسان کي آءِ ايم ايف مان ڇوٽڪارو ملندو، اسان کي ان راهه کي اختيار ڪرڻو پوندو. هن چيو ته هر چئلينج هڪ موقعو هوندو آهي، چئلينج کي ??نهن ڏيڻ جي لاءِ محنت سان ڪاميابي ملند?? ۽ ??اريخ ۾ سنهري لفظن سان اسان جو نالو لکيو ويندو.