اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ??ري?? سان گهرو معاملن، منشيات جي خاتمي واري وفاقي وز??ر ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرپرسن سيد محسن رضا نقوي ملاقات ڪئي ۽ سڄي ملڪ ۾ بجلي چوري جي روڪٿام جي حوالي سان فيڊرل انويسٽيگيشن ايجنسي (ايف آءِ اي) کي ڏنل ٽاسڪ جي حوالي سان تفصيلي آگاهه ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز ??ري?? ۽ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي گهرو وزارت، منشيات جي خاتمي واري وزارت، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي معاملن، ملڪي سيڪيورٽي ?? مجموعي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. گهرو وزير محسن نقوي وزيراعظم شهباز ??ري?? کي ايف آءِ اي ۽ نيشنل ڪائونٽر ٽيررازم اٿارٽي جي تجويز ڪيل سڌارن ۽ ري اسٽرڪچرنگ پلان تي پڻ بريفنگ ڏني. وزيراعظم هدايت ڪئي ته بجلي چوري جي خلاف سخت کان سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ ڪنهن به قسم جي ڪا نرمي نه ڪئي وڃي.