اسلام آباد – 18 ?? اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 16 هين قومي اسيمبلي جي نئين پارلياماني سال جي شروعات جي موقعي تي صدر جي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خ??اب کان اڳ مسلم ليگ (ن) ۽ اتحادي پارٽين جي ميمبرن سان انهن جي س??ٽن تي وڃي هٿ ملايو. وزيراعظم شهباز شريف جڏهن اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ هال ۾ داخل ٿيو ته ميمبر?? سندس ڀرپور آجيان ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم بلاول ڀٽو زرداري ۽ اتحادي پارٽين جي ٻين ميمبرن سان انهن جي س??ٽن تي وڃي هٿ ملايو ۽ انهن جي خيريت معلوم ڪئي.