اسلام آباد – 02 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته اسلامي تعاون تنظيم جي گيمبيا ۾ سربراهي ۽ پرڏيهي وزير?? جي اجلاس جي موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار اجلاس ۾ شريڪ اڳواڻن ۽ پرڏيهي وزيرن سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪندو. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته او آءِ سي جي اجلاس ۾ پا??ستان مسلمان امت کي درپيش چئلينجز جو گڏيل حل ڳولڻ جي ضرورت تي زور ڏيندو. ترجمان ميڊيا کي گذريل هفتي سياسي معاملن ??ابت آمريڪي انڊر سيڪريٽري جان باس ۽ پرنسپل ڊپٽي اسسٽنٽ سيڪريٽري ايلزبٿ هورسٽ جي پا??ستا?? جي دوري ۽ وقتي پرڏيهي سيڪريٽري رحيم حيات قريشي سان سندس ملاقات بابت ٻڌايو. ترجمان چيو ته ٻنهي ڌرين ٻطرفي تعاو?? جي مختلف رخن تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي ۽ واپار، سيڙپڪاري، توانائي، صحت، تعليم، زراعت ۽ موسمياتي تبديلي جي شعبن سميت مختلف ڳالهين واري عمل جي ذريعي پائيدار مشغوليت جي اهميت تي زور ڏنو. ترجمان چيو ته پا??ستان ٻطرفي تعاون ۽ افهام تفهيم کي وڌائڻ جي لاءِ آمريڪا سان رابطو جاري رکندو. هن چيو ته اسرائيلي قابض فوج عالمي قانون?? جي خلاف ورزي ڪندي اولهندي ڪناري ۾ غيرقانوني قدم جاري رکيا آهن. ترجمان چيو ته پا??ستان اسرائيل پاران انساني حق?? جي وڌندڙ خلاف ورزين ۽ اولهندي ڪناري ۾ غيرقانوني اسرائيلي بستي?? جي وڌندڙ انگ جي شديد مذمت ڪري ٿو. هن چيو ته اسرائيل جا قدم عالمي قانو?? جي خلاف ورزي آهن، ان سان گڏوگڏ ا??ي انساني قانونن ۽ گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جي قرارداد?? جي ابتڙ آهن. ترجمان چيو ته اهي ڪارروايون ٻه رياستي حل جي امڪانن کي پڻ نقصان پهچائين ٿيون. هن عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها اسرائيل کي فلسطين ۾ ڪڌي ڏوه?? جي ارتڪاب کان روڪڻ ۽ گڏيل قوم?? جي سلامتي ڪائونسل کان فوري طور تي نمايان جنگبندي لاڳو ڪرائڻ جي لاءِ پنهنجو موثر ڪردار ادا ڪري ۽ اسرائيل تي زور ڏي ته ه?? غزه جو گهيراءُ ختم ڪري، انساني امداد ۾ سهولت فراهم ڪري، شهرين کي تحفظ ۽ ڏوهارين کي گرفتار ڪري ۽ فلسطيني?? جي نسل ڪشيءَ تي جوابده بڻائي. ترجمان فلسطي?? جي عوام جي لاءِ پا??ستا?? جي مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪندي 1967ع کان اڳ جي سرحدن ۽ القدس الشريف کي گادي واري شهر طور هڪ آزاد، قابل عمل ۽ لڳولڳ فلسطيني رياست قائم ڪرڻ تي زور ڏنو.