اسلام آباد – 08 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ازبڪستان جي پرڏيهي وزير بختيار سيدوف ملاقات ڪئي جنهن ۾ واپار، معيشت، سيڪيورٽي، دفاع، سماجي رابطن ۽ ٻين شعبن ۾ گڏيل تعاون وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ وزارت عظميٰ جي عهدي ت?? ٻيهر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏيندي ازبڪ پرڏيهي وزير ازبڪس??ان جي ص??ر شوڪت مرزيوئيف پاران وزيراعظم محمد شهباز شريف کي ازبڪستان جي دوري جي دعوت ڏني. وزيراعظم ازبڪس??ان جي ص??ر شوڪت مرزيوئيف جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته هو ساڻس ملاقات جو منتظر آهي. ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن پاڪس??ان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ واپار، معيشت، سيڪيورٽي، دفاع، سماجي رابطن ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات ۾ افغانس??ان ۾ پائيدار امن ۽ ترقي جي اهميت تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ازبڪس??ان سان ٻطرفي واپار ۽ ٻين منصوبن کي ت??زي سان مڪمل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو اظهار ڪيو. هن ازبڪس??ان کي پاڪستاني بندرگاهن تائين پهچ ڏيڻ جي لاءِ گڏيل مشاورت سان هڪ موثر حڪمت عملي جوڙڻ جي اهميت تي زور ڏنو. هن ازبڪس??ان – افغانس??ان – پاڪس??ان ريلوي منصوبي جي اهميت تي روشني وجهندي ان جي جلد تڪميل جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو پڻ اظهار ڪيو.