اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ??ري?? رفح ۾ پريشان ڪندڙ اڳڀرائي تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي اسرائيل جي انڌاڌنڌ بمباري جي شديد مذمت ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته عالمي برادر?? خاص طور تي گڏيل قومن کي شهرين کي اهڙي وحشياڻي جارحيت کان بچائڻ جي لاءِ پنه??جو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. سوشل ميڊيا ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ وزيراعظم چيو ته رفح ۾ پريشان ڪندڙ اڳڀرائي تي گهري ڳڻتي آهي ۽ پاڪستان اسرائيل جي انڌاڌنڌ بمباري جي شديد مذمت ڪري ٿو جنهن سان وڏو جاني نقصان ٿيو آهي. هن چيو ته اهو افسوسناڪ آهي ته انصا?? جي عالمي عدالت جي اسرائيل جي خلاف تازي واضح فيصلي جي باوجود بار بار عالمي قانونن جي خلاف ورزي ڪئي پئي وڃي، عالمي برادر?? خاص طور تي گڏيل قومن کي شهرين کي اهڙي وحشياڻي جارحيت کان بچائڻ جي لاءِ پنه??جو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.