سکر – 24 – جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري رياست آڏو هٿيار ڦٽا ڪرڻ تي ??اضي ڪچي جي ڏوهاري ماڻهن کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ، ڪچي جي ماڻهن سان ڳالهين، ڏوهن جي روڪٿام ۽ علائقي کي هٿيارن کان پاڪ ڪرڻ جي لاءِ ڪچي جي علائقي جي قبائلي سردارن تي ٻڌل قومي جرڳو گهرائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته رياست آڏو هٿيار اڇلڻ تي ??اضي ڪچي جي ڏوهاري ماڻهن کي آهستي ??هستي قومي ڌارا ۾ آندو وڃي، ڪچي جي علائقي جي ماڻهن جي سماجي ۽ اقتصادي حالت بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي، ڪچي جي علائقن ۾ رستن، صحت ۽ تعليم جي بنيادي ڍانچي کي ترجيحي بنيادن تي ??هتر بڻايو وڃي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار صدر آصف علي زرداري سکر جي دوري دوران سنڌ ۾ سيڪيورٽي، امن امان جي صورتحال جي حوالي سان گهرايل اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. هن چيو ته رياست آڏو هٿيار اُڇلڻ تي ??اضي ڪچي جي ڏوهاري ماڻهن کي آهستي ??هستي قومي ڌارا ۾ آندو وڃي، ڪڌي ڏوهن ۾ ملوث ڪٽر ڏوهارين جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ ننڍي ڏوهن ۾ ملوث ماڻهن جي بحالي ڪري ملڪ جو ذميوار ۽ ڪارائتو شهري بڻائڻ گهرجي. صدر ڪچي جي علائقي جي ماڻهن جي سماجي ۽ اقتصادي حالت بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي ??ور ڏنو ۽ چيو ته ڪچي جي علائقن ۾ رستن، صحت ۽ تعليم جي بنيادي ڍانچي کي ترجيحي بنيادن تي ??هتر بڻايو وڃي. هن چيو ته ڪچي جي علائقي جي قبائلي سردارن تي ٻڌل هڪ قومي جرڳو گهرايو وڃي، جرڳو علائقي ۾ امن جي فروغ، سيڪيورٽي صورتحال بهتر بڻائڻ جي لاءِ مقامي آبادي سان ڳالهيون ڪندو، قومي جرڳو ڏوهن جي روڪٿام، علائقي کي هٿيارن کان پاڪ ڪرڻ جي لاءِ ڪردار ادا ڪندو. اجلاس ۾ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، ايم اين اي سيد خورشيد شاهه، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه شرڪت ڪئي جڏهن ته سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر، صوبائي وزير، وفاقي، صوبائي، رينجرز ۽ ملٽري عملدار پڻ اجلاس ۾ شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ صدر کي سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال تي ??ريفنگ ڏني وئي. صدر پهرين مئي جي اجلاس دوران ڏنل هدايتن تي ??ملدرآمد جو پڻ جائزو ورتو. صدر کي بريفنگ دوران آءِ جي سنڌ ??ول??س ٻڌايو ته ??ول??س ۽ رينجرز جي موثر حڪمت عملي جي ڪري سنڌ خاص طور تي ڪراچي ۽ ڪچي جي علائقن ۾ ڏوهن ۽ تشدد ۾ گهٽتائي جو رجحان ڏٺو ويو آهي، ڌاڙيلن جي سرگرمين ۾ گهڻي حد تائين گهٽتائي آئي آهي، گذريل ٻن مهينن دوران رستن تي ڪو ڏوهه رپورٽ نه ٿيو. آءِ جي سنڌ وڌيڪ چيو ته ٽارگيٽيڊ آپريشنز ۽ سمارٽ ڪئميرائون هڻڻ سان ڏوهارين تي ??ابطو آڻڻ ۾ مدد ملي آهي، ڪئميرائن جي مدد سان ڏوهارين ۽ انهن جي مددگارن جي سڃاڻپ ۽ گرفتاري ۾ مدد ملي آهي. ڊي جي رينجرز بريفنگ دوران ٻڌايو ته سنڌ ??ول??س ۽ رينجرز پاران 133 گڏيل آپريشنز ڪيا ويا، آپريشنز جي نتيجي ۾ سوين ڌاڙيلن ۽ ڏوهاري پيشي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. هن چيو ??ه ڏوهن تي ??ابطو آڻڻ جي لاءِ ڪچي جي مختلف علائقن ۾ اضافي چيڪ پوسٽون قائم ڪيون ويون آهن. بريفنگ ۾ اجلاس کي ٻڌايو ويو ته صدر جي هدايت تي منشيات فروشن جي خلاف مهم تيز ڪئي وئي آهي، 308 منشيات فروشن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. صوبي جي داخلي رستن جي نگراني جي لاءِ سمارٽ ڪئميرائون هنيون پيون وڃن، صدر هدايت ڪئي ته صوبي جي سيڪيورٽي چئلينجز، ضرورتون موثر طريقي سان پوريون ڪرڻ جي لاءِ ??ول??س فورس کي جديد رخن تي قائم ڪرڻو پوندو، سنڌ ??ول??س کي جديد اوزار، هٿيار، مناسب انساني وسيلا، لاجسٽڪس مدد فراهم ڪري صلاحيت وڌائي وڃي. صدر هدايت ڪئي ته فرضن جي بهتر طريقي سان سرانجام ڏيڻ جي لاءِ ??ول??س اهلڪارن جي حوصلا افزائي ڪرڻ گهرجي، سنڌ ??ول??س ۾ عورتن جي شموليت جي لاءِ انهن جي حوصلا افزائي ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته سنڌ ??ول??س جي شهيدن جي خاندانن ۽ ٻارن جي ڀلائي کي يقيني بڻايو وڃي. صدر سڪرنڊ ??ول??س ڪمانڊ ۽ اسڪول جي اپ گريديشن، ??ول??س واري ڪيڊٽ ڪاليج قائم ڪرڻ جي لاءِ زمين جي فراهمي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته ڪيڊٽ ڪاليج جي چونڊيل شاگردن کي سنڌ ??ول??س ۾ ڀرتي ٿيڻ جي لاءِ تعليم ۽ تربيت ڏني ويندي، صدر ڏوهن تي ??ابطو آڻڻ، سيڪيورٽي صورتحال بهتر بڻائڻ ۾ سنڌ حڪومت، ??ول??س ۽ رينجرز جي ڪارڪردگي کي ساراهيو.