اسلام آباد-30 جون (اي پي پي) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير وفاقي وزير عطا الله تارڙ چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان اسان جو بزرگ ۽ قابل احترام سياستدان آهي، سياست ۾ سمورن مسئلن جو حل صرف ڳالهين ۾ آهي، موجوده صورتحال ۾ بيان بازي بدران پارليامينٽ ۾ سياست ٿيڻ گهرجي. جي يو آءِ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي پريس ڪانفرنس جي رد عمل ۾ پنهنجي بيان ۾ سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته حڪومت جي بهتر معاشي حڪمت عملي سان ملڪي اسٽاڪ ايڪسچينج تاريخي بلندي تي آهي، جڏهن ته مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ?? واڌ ٿي آهي، واپاري خسارو گهٽ هجڻ سان گڏ روپئي جو قدر مستحڪم هجڻ پڻ سٺو سنئوڻ آهي. وفاقي وزير چيو ته ايندڙ عام چونڊون 2029ع ۾ مقرر وقت تي ٿ??ند??ون. هن چيو ته بزرگ سياستدان هجڻ جي ناطي مولانا صاحب کي حڪومت جي معاشي بهتري جي قدمن کي ساراهڻ گهرجي.