دوشنبي – 03 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف شنگهائي تعاون ت??ظي?? ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽس جي اجلاس ۽ ايس سي او پلس جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ دوشنبي کان تاجڪستان جي گادي واري شهر آستانه روانو ٿي ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف 3 ۽ 4 جولاءِ تي آستانه، قازخستان ۾ شنگهائي تعاون ت??ظي?? ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽس (سي ايڇ ايس) جي اجلاس ۽ ايس سي او پلس جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ قازخستان ويندو. ساڻس نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ۽ ڪابينا جا ٻيا سينيئر ميمبر ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسر پڻ گڏ هوندا. شنگهائي تعاون ت??ظي?? جي سربراهي ڪائونسل جي اجلاس ۾ وزيراع??م اهم علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي پاڪستان جو موقف پيش ڪندو. وزيراع??م ايس سي او پلس سمٽ کي خطاب پڻ ڪندو. وزيراع??م اهم علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪندو. وزيراع??م ايس سي او خطي جي ماڻهن جي ڀلائي لاءِ شنگهائي تعاون ت??ظي?? جي اهميت کي اجاگر ڪندو. وزيراعظم سربراهي اجلاس جي موقعي تي شريڪ اڳواڻن سان ملاقاتون پڻ ڪندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي اربع ڏينهن روس جي صدر ولاديمير پيوٽن، ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزايوف سان ملاقاتن جو امڪان آهي. اڄ پاڪستان ترڪيه ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ ٽي ڌريي ڳالهه ٻولهه جو دور ٿيندو جنهن ۾ وزيراعظم جي به شرڪت جو امڪان آهي. وزيراع??م اڄ شنگهائي تعاون ت??ظي?? جي ميمبر ملڪن جي سربراهن جي اعزاز ۾ قازخستان جي صدر قاسم جومارٽ توڪائيوف پاران ڏنل آجياڻي ۾ به شرڪت ڪندو.