اسلام ??باد -14 جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزارت اپوسٽيل اٽيسٽيشن لاءِ درخواستون ڏيندڙن جي سهولت لاءِ اسلام ??باد، ڪراچي ۽ لاهور ۾ پنهنجي لائز ان آفيس ۾ ڪوريئر ڪمپنين ذريعي ملندڙ دستاويزن جي تصديق جون سهولتون فراهم ڪري رهي آهي. پرڏيهي وزارت طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي، ته درخواستون ڏيندڙ اسلام ??باد، لاهور ۽ ڪراچي ۾ ڪوريئر ڪمپنين جي اپوسٽيل ڪليڪشن پوائنٽس جي تفصيلن جي آگاهي حاصل ڪري فائدو کڻي سگهن ٿا. واضح رهي ته ڪوريئر ڪمپنين وٽ ??اور آف اٽارني کان علاوه سمورن دستاويزن کي قبول ڪرڻ جو اختيار آهي.