اسلام آباد – 14 – آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پ??ڪس??ان جي 78 هين آزادي جي ڏهاڙي تي پوري پ??ڪس??اني قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته آزادي ڏهاڙو خودمختياري جي حق لاءِ ڀارتي مسلمانن جي تاريخي سياسي جدوجهد جو نقطه عروج آهي، هڪ پرامن ۽ جمهوري جدوجهد جي ذريعي پ??ڪس??ان جو قيام تاريخ جو هڪ بي مثال ۽ بينظير باب آهي، اسان پ??ڪس??ان جي لاءِ اڻ ڳڻيون قربانيون ڏيندڙ تحريڪ پ??ڪس??ان جي اڳواڻ??، ڪارڪنن ۽ پنهنجي وڏن کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. صدر آصف علي زرداري پ??ڪس??ان جي 78 هين آزادي جي ڏهاڙي 14 آگسٽ 2024ع جي م??قعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته موجوده چئلينجز کي م??هن ڏيڻ جي لاءِ اسان کي پنهنجي اختلافن کي م??انهون رکي م??ڪ جي اتحاد، سالميت ۽ معاشي استحڪام جي لاءِ پرعزم ٿي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته اسان جي م??ڪ کي بي شمار انساني ۽ قدرتي وسيلن سان نوازيو ويو آهي ?? اها اسان سڀني جي ذميواري آهي ته ع??ام جي ڀلائي جي لاءِ انهن وسيلن کي استعمال ۾ آڻيون، اسان کي قانون جي حڪمراني، جمهوري ادارن جي استحڪام ۽ عوامي م??اد ۾ دل ۽ جان سان ڪم ڪرڻو پوندو. صدر چيو ته قوم جون اسان سان ڪيتريون ئي اميدون واڳيل آهن ۽ اسان کي عوامي امنگن تي پورو لهڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي، اسان کي قائداعظم جي فرمان ”جيڪڏهن اسان هن عظيم ملڪ پ??ڪس??ان کي خوش ۽ خرم ۽ خوشحال بڻائڻ چاهيون ٿا ته اسان کي پنهنجو سمورو ڌيان ماڻهن خاص طور تي ع??ام ۽ غريب طبقي جي ڀلائي تي ڏيڻ گهرجي“ مان تحريڪ حاصل ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته اهو ئي وقت آهي ته اسان پ??ڪس??ان کي هڪ عظيم ملڪ بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي نوجوانن ۽ عورتن تي سيڙپڪاري ڪريون، خدمتن جي فراهمي بهتر بڻايون ۽ ڪاروبار جي لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪريون. صدر آصف علي زرداري چيو ته اڄ اسان کي آزادي جو جشن ملهائيندي 7 ڏهاڪن کان پنهنجي آزادي ۽ خودمختياري جي حق جي لاءِ جدوجهد ڪندڙ پنهنجي ڪشميري ۽ فلسطيني ڀائرن کي پڻ ياد رکڻ گهرجي، اڄ اسان غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۽ فلسطيني ع??ام جي جائز حقن جي لاءِ پنهنجي حمايت جو ورجاءُ ڪريون ٿا. هن چيو ته اچو، وچن ڪريون ته اسان ع??ام جي ترقي جي لاءِ ڪم ڪنداسين ۽ پ??ڪس??ان کي هڪ خوشحال ملڪ بڻائينداسين. الله تعاليٰ اسان جو حامي ۽ ناصر هجي. آمين!.