اسلام آباد-19 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي و??ير محسن نقوي اسلام آباد ۾ 100 بسترن تي ٻڌل ج??يد اسپتال جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو آهي، جنهن کي نيشنل پوليس فائونڊيشن ۽ ترڪيه جي نجي ڪمپني جي سهڪار سان تعمير ڪئي ويندي، هن اسپتال جي تڪميل سان پوليس جي جوانن، انهن جي ڪٽنبن ۽ عام شهرين کي صحت جون ج??يد سهولتون ملنديون. پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي گهرو وز??ر محسن نقوي چيو ته انٽرنيشنل اسپتال جو هي منصوبو نيشنل پوليس فائونڊيشن لاءِ گيم چينجر ثابت ٿيندو. هن نيشنل پوليس فائونڊيشن جي نون منص??بن جي و??کاڻ ڪندي چيو ته صابر احمد جي آمد نيشنل پوليس فائونڊيشن کي ٻيهر متحرڪ بڻائي ڇڏيو آهي، ان جي سموري آمدني شهيدن ۽ پوليس جي ويلفيئر تي لڳائي پئي وڃي. گهرو وز??ر چيو ته شهيد ۽ پوليس جوانن جي فلاح ۽ بهبود لاءِ محنت ۽ لگن سان ڪم ڪيو پيو وڃي ۽ هي اسپتال ان سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي، نيشنل پوليس فائونڊيشن ۽ سي ڊي اي جي گڏيل سهڪار سان نئين منصوبي تي ڪم ٿي رهيو آهي ۽ هي منصوبو صرف اسلام آباد تائين محدود نه هوندو پر ص??بن ۾ به شهيدن ۽ پوليس جي جوانن جي فلاح ۽ بهبود لاءِ ڪيو پيو وڃي. هن ٻڌايو ته نيشنل پوليس فائونڊيشن ويجهڙ ۾ حيدرآباد ۾ شهيدن ۽ جوانن لاءِ هڪ منصوبو مڪمل ڪيو آهي. ان اسپتال جي تعمير لاءِ نيشنل پوليس فائونڊيشن زمين فراهم ڪئي آهي جڏهن ته اسپتال جي تعمير مڪمل طور ترڪيه جي هڪ ڪمپني ڪري رهي آهي جنهن جي لاڳت 5 ارب روپيا آهي. گهرو وز??ر ان موقعي تي ان ڳالهه جو به اعلان ڪيو ته نيشنل پوليس اڪيڊمي جي نئين سر تنظيم سازي ڪئي پئي وڃي ته جيئن پوليس جي جوانن کي وڌيڪ بهتر تربيت فراهم ڪري سگهجي.