اسلام آباد – 17 – سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار سيرت النبي جي روشني ۾ پاڪست??ن ج?? تعليمي نظام جو نئين سر جائزو وٺڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته تعليمي نظام ڪردارسازي، فني ترقي، روحاني ۽ اخلاقي قدرن ۽ صلاحيتن کي نکارڻ تي ڌيان ڏيڻ واري گهڻ رخي موقف تي ٻڌل هجڻ گهرجي. هن اهڙن خيالن جو اظهار عيد ميلادالنبي ﷺ جي سلسلي ۾ منعقد سيرت النبي ﷺ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وزارت جي اهتمام هيٺ منعقد ان ڪانفرنس جو موضوع ”رياست?? تعليمي نظام، رسول الله ﷺ ج?? تعليم جي روشني ۾“ چونڊيو ويو هو، جنهن ۾ مذهبي معاملن واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين، مذهبي معاملن واري وفاقي سيڪريٽري ذوالفقار حيدر کانسواءِ مختلف مڪتبه فڪر سان تعلق رکندڙ عالم سڳورن، سفارتڪارن، منصفين ۽ محققن شرڪت ڪئي. نائب وزيراعظم پنهنجي خطاب ۾ چيو ته تعليم جو مقصد رڳو مادي ڪاميابي نه آهي پر روحاني واڌويجهه ۽ صلاحيتن کي نکارڻ جي لاءِ معاشري جي ڀلائي ۾ پنهنجو ڪرد??ر ادا ڪرڻو هوندو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ تعليم جي نظام کي ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن. تعليمي ادارا ته موجود آهن پر تربيت جي کوٽ آهي. ان ڳالهه جي سخت ضرورت آهي ته تعليمي نظام جو نئين سر جائزو ورتو وڃي ۽ ان کي سيرت النبي ﷺ جي روشني ۾ جوڙيو وڃي ته جيئن اس??ن جون نسلون نه رڳو علم حاصل ڪري سگهن پر انهن جي تربيت به اسلامي اصولن موجب ٿئي. هن مذهبي معاملن واري وفاقي وزير کي تجويز ڏني ته هو اسلام?? تعليم جي روشني ۾ ۽ عالم سڳورن جي تجويزن کي شامل ڪر?? تعليم واري وزارت سان گڏجي ??ن جو جائزو وٺي ۽ ضروري سڌارا ڪري. اسلام ۾ تعليم جي اهميت تي روشني وجهندي هن پهرين نازل ٿيندڙ قرآني آيت ”پڙهو پنهنجي رب جي نالي س??ن جنهن پيدا ڪيو“ ۽ نبي ڪريم ﷺ جي ڪيترين ئي حديثن جو حوالو ڏنو. هن چيو ته تعليم ماڻهن جي ڀلائي جي لاءِ اهم ڪرد??ر ادا ڪيو آهي. علم انسان کي سٺي ۽ خراب ۾ تميز ڪرڻ جي قابل بڻائي ٿو. هن چيو ته اسلام هر مسلمان تي علم حاصل ڪرڻ فرض ڪ??و آهي ۽ ان ڏس ۾ رياست وسيلا فراهم ڪرڻ جي ذميوار آهي. هن چيو ته تعليم جي ذريعي انسان پنهنجي خدا طرفان ڏنل صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻي ٿو ۽ معاشري جي واڌويجهه ۾ ڀرپور ڪرد??ر ادا ڪري ٿو. اسان کي ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ گهرجي ته اس??ن جا تعليمي ادارا نه رڳو دنياوي علم ۾ وڌن پر انهن ۾ اسلامي اخلاقيات ۽ روحانيت جو پڻ اهم ڪردار هجي. اسحاق ڊار سوشل ميڊيا ۽ ٻيا جديد مواصلاتي ذريعا متعارف ٿيڻ کانپوءِ معاشري خاص طور تي نوجوان نسل جي اخلاق تي ??ن جي منفي اثرن تي ڳالهائيندي چيو ته عالم سڳورن، تعليمي ماهرن ۽ اسان سڀني جي ذميواري آهي ته ان صورتحال کي منهن ڏيڻ ۽ نوجوان نسل جي اخلاق کي سنوارڻ جي لاءِ پنهنجو ڪرد??ر ادا ڪريون. هن چيو ته سماجي انصاف اسلام?? تعليمي نظام جو هڪ اهم جز آهي، ان لاءِ اس??ن ج?? تعليمي نظام کي انهن قدرن کي فروغ ڏيڻ گهرجي ۽ شاگردن کي مستقبل جا اڳواڻ بڻجڻ جي لاءِ پرواه چاڙهڻ گهرجي. محمد اسحاق ڊار ملڪ ۾ مذهبي ۽ موجوده تعليمي نظام جي وچ ۾ ورڇ تي پڻ روشني وجهندي چيو ته اسان هڪ متحد ۽ ٺوس تعليمي نظام تحت دين ۽ دنيا ٻنهي علمن جي بهتر تعليم ڏئي سگهون ٿا. هن پاڪستان کي معاشي طاقت بڻائڻ جي ڪوششن تي زور ڏيڻ سان گڏوگڏ جديد فن?? تعليم سان ان فرق کي پورو ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو. ان موقعي تي نائب وزيراعظم نبي ڪريم ﷺ جي حيات طيبه ۽ تعليم تي مختلف ڪيٽيگريز ۾ ڪتابن جي بهترين ليکڪن سان گڏوگڏ حمد ۽ نعت ۽ ڪانفرنس جي موضوع جي مناسبت سان مقالن تي انعام پڻ ورهايا.