??يو??ارڪ – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڱاري ڏينهن ??يو??ارڪ ۾ مصروف ڏينهن گذاريندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پارا?? جاري بيان موجب وزيراعظم پنهنجي 5 ڏينهن جي سرڪاري دوري تي وفد سان گڏ ??يو??ارڪ پهچي ويو آهي. دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت وارو وفاقي وزير خالد مقبول صديقي ۽ خاص معاون طارق فاطمي وزيراعظم سان گڏ وفد ۾ شامل آهن. وزيراعظم گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس پاران ميمبر ملڪن جي سر??را??ن جي لاءِ ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت ڪندو جتي وزيراعظم جي مختلف ملڪن جي سر??را??ن سان غيررسمي ملاقات ٿيندي. وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس 2024ع جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم جي مالديپ جي صدر محمد معيزو سان ملاقات ٿيندي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿيندي.