اسلام آباد-15 آڪٽوبر (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آ??ي ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ رهندي جڏهن ته بلوچستان جي مٿانهين وارن ۽ سنڌ جي ڏاکڻي علائقن، خيبر پختونخوا ۽ گلگت بلتستان ۾ جزوي جهڙالي رهڻ کانسواءِ تيز ??وائن ۽ گجگوڙ سان ڪجهه هنڌن تي بر??ات جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهي. اڱاري ڏينهن رڪ??رڊ ڪيل وڌ ۾ وڌ گرمي پد ڇور ۾ 40، خيرپور، خانپور ۽ بهاولپور ايئرپورٽ ۾ 39 ڊگري سينٽي گريڊ رڪ??رڊ ڪيو ويو.