اسلام آباد – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) قزاخستان جو وزيراعظم اولزاس بيڪو تينو ۽ بيلاروس جو وزيراعظم رومن گولو چينڪو شنگهائي تعاون تنظيم جي 23هين اج??اس ۾ شرڪت کانپوءِ وطن واپس روانا ٿي ويا، سيڙپڪاري بورڊ، نجڪاري ۽ مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان ٻنهي وزيراعظمن کي اسلام آباد ايئرپورٽ تي کين رخصت ڪيو. وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو ته مستقبل ۾ به ائين ئي رابطن ۽ دورن جا خواهشمند آهيون جيڪي خطي جي لاءِ انتهائي لاڀائتا ثابت ٿيندا. قزاخستان جي وزيراعظم ۽ بيلاروس جي وزيراعظم وفاقي وزير عبدالعليم خان جا ٿورا مڃيندي چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم جو اج??اس شاندا?? ۽ ??مام اعليٰ انداز ۾ ٿيو ۽ سندن پاڪستان ۾ قيام انتهائي خوشگوار رهيو جڏ??ن ته هو ڪيتريون ئي اميدون ۽ خوشگوار يادون کڻي وڃي رهيا آهن. شنگهائي تعاون تنظيم جي اج??اس جي موقعي تي مواصلات، نجڪاري ۽ سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير عبدالعليم خان ۽ روس جي ٽرانسپورٽ واري ڊپٽي وزير دمتري زرائوف جي وچ ۾ ملاقات ٿي ۽ ان اج??اس ۾ روس ۽ پاڪستان جي وچ ۾ مواصلات جي شعبي ۾ گڏيل تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي ۽ ??ئي?? منصوبن تي غور ڪيو ويو. اج??اس ۾ ڳالهه ٻولهه ڪندي وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو ته پاڪستان جي لاءِ چين، افغانستان جي ذريعي وچ ايشيائي ملڪن تائين روڊ نيٽ ورڪ جي اهميت رکندڙ هوندو جڏ??ن ته روسي ڊپٽي ٽرانسپورٽ منسٽر دمتري زرائوف پاڪستان جي ڪميونيڪشن سيڪٽر ۾ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. اج??اس ۾ ٻنهي ملڪن جي وزيرن پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم جو اج??اس انتهائي مثبت رهيو ۽ اهي قدم خطي جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. اج??اس ۾ مواصلات واري وفاقي سيڪريٽري ۽ ريلوي واري وفاقي سيڪريٽري جي شرڪت ۽ مواصلات جي شعبي ۾ اهم معاملن تي بريفنگ ڏني.