راولپنڊي-30 آڪٽوبر (اي پي پي) روسي فيڊر??شن جي بچاءَ واري نائب وزير ڪرنل جنرل اليگيزنڊر وي فومين نيول هيڊ ڪوارٽرز اسلام آباد جو دؤرو ڪيو ۽ نيول چيف ايڊمرل نويد اشرف سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپيءَ جي پيشوراڻن معاملن، علائقائي ميري ٽائيم سيڪيورٽي جي صورتحال ۽ ٻه طرفي ب??ري معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب نيول چيف جو چوڻ هو ته پاڪستان رشين فيڊر??شن سان لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏئي ٿو ۽ ڊگهي مدي واري شراڪتداريءَ جو خواهشمند آهي. ملاقات ۾ ٻنهي ب??ري فوجن وچ ۾ ٻه طرفي تربيت، ب??ري جنگي جهازن جي دؤرن ۽ ٻه طرفي ب??ري مشقن جو بندوبست ڪرڻ سميت مختلف پهلوئن تي پڻ غور ڪيو ويو. ٻنهي اڳواڻن ميري ٽائم سيڪيورٽي ۽ ب??ري ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ تي اتفاق ڪيو. روسي فيڊر??شن جي بچاءَ واري نائب وزير خطي ۾ ميري ٽائم سيڪيورٽي ۾ پاڪ بحريه جي مستقل ڪوششن ۽ بلند عزم جو اعتراف ڪيو.