اسلام آباد-15 نومبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي و??ير ڄام ڪمال خان چيو آهي ته ٽيڪسٽائل ۽ گارمينٽس جو شعبو پاڪستا?? جي روانگي و??پار ۽ معيشت ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، حڪومت ان شعبي جي پائيداري ۽ ترقيءَ ۾ وڌ کان وڌ سهڪار ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه آل پاڪستان ٽيڪسٽائل ملز ايسوسيئيشن (اپٽما) جي وفد سان ملاقات ۾ ڪيو. ملاقات ۾ ٽيڪسٽائل ۽ گارمينٽس جي شعبي کي سهولتون فراهم ڪرڻ جي حوالي سان خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي. اپٽما جي چيئرمين ڪامران ارشد جي اڳواڻيءَ ۾ نمائندن وفاقي و??ير سان ملاقات ڪئي. اپٽما جي وفد ۾ عامر فياض شيخ، چيئرپرسن ٽيڪسٽائل ڪائونسل ڪوه نور ملز، انيس خواجه، محمود گروپ ۽ ٻيا شامل هئا. ڪامران ارشد ٽيڪسٽائل ۽ گارمينٽس جي شعبي کي پيش ايندڙ اهم چئلينجن ۽ انه?? جي خطرن جو خاڪو پيش ڪيو جنهن ۾ صنعتي ڪيپٽيو پاور پلانٽس کي گيس جي سپلاءِ کي امڪاني ڪٽجڻ، بجلي جي وڌيل قيمتن، وڌيڪ ٽيڪسز ۽ ليڪويڊيٽي جي گهٽتائي شامل آهي، جيڪا صنعت?? جي چٽاڀيٽي کي ختم ڪري سگهي ٿي ۽ روانگي و??پار تي ناڪاري اثر پئجي سگهن ٿا. اپٽما جي نمائندن فنانس ايڪٽ 2024ع ۾ متعارف ڪرايل ايف بي آر جي ايڪسپورٽ فيسيليٽيشن اسڪيم تحت ايڪسپورٽس لاءِ مقامي خريداريءَ تي سيلز ٽيڪس جي ڇوٽ کي و??پس وٺڻ تي به خدشن جو اظهار ڪيو. وفاقي و??ير گڏيل ڪوششن ۽ مددگار پاليسين ذريعي ٽيڪسٽائل ۽ گارمينٽس جي روانگي و??پار ۾ واڌ جي باري ۾ وفد سان ڳالهيون ڪيون. ڄام ڪمال وفد کي نئين مارڪيٽن کي تلاش ڪرڻ ۽ نئين ويلو ايڊڊ تي??ر ٿيل شين ۾ وڌيڪ نواڻ پيدا ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ڄام ڪمال خان وفد کي خاطري ڪرائي ته واپار واري و??ارت سندن مسئلن ۽ چئلينجن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ پُرعزم آهي.