اسلام آباد- 09 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت ۽ عوام وچ ۾ ويڇي کي ختم ڪرڻ، شفافيت کي يقيني بڻائڻ ۽ اعتماد کي هٿي ڏيڻ ۾ انفارميشن گروپ جي آفيسرن جو ڪردار اه?? آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان انفارميشن گروپ جي 51 هين ڪامن ٽريننگ پروگرام جي پروبيشنري آفيسرن وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. پروبيشنري آف??سر پنهنجي ٽريننگ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ وزارت جي مختلف ادارن ۾ مقرري جا منتظر آهن. سڌ سماءَ و??رو وفاقي وزير عطا الله تارڙ ۽ سڌ سماءَ و??ري وفاقي سيڪريٽري عنبرين جان به ملاقات ۾ موجود هئي. وزيراعظم، سمورن آفيسرن جو والهاڻو اسقبال ڪيو. ملاقات دوران ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته حڪومت ۽ عوام وچ ۾ ويڇي کي ختم ڪرڻ، شفافيت کي يقيني بڻائڻ ۽ اعتماد کي هٿي ڏيڻ ۾ انفارميشن گروپ جي آفيسرن جو ڪردار اه?? آهي، وزيراعظم حاض?? دور جي تيزي سان تبديل ٿيندڙ ميڊيا جي منظرنامي ۾ اثرائتي ڄاڻ جي اه??يت تي زور ڀريو. هن آفيسرن جي حوصلا افزائي ڪئي ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته سمورا آف??سر پنهنجي ذميوارين کي ديانتداري، پيشيوراڻي مهارت ۽ عوامي ڀلائي لاءِ مضبوط عزم سان ادا ڪندا. آفيسرن ملڪ جي ترقي ۽ عوام جي ڀلائي ۽ بهتري ۾ پنهنجو حصو وجهڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. پروبيشنري آفيسرن سان ڳالهين دوران وزيراعظم قومي يڪجهتي کي هٿي ڏيڻ ۽ شهرين کي اه?? حڪومتي قدمن جي باري ۾ تعليم ڏيڻ ۾ اسٽيٽ ميڊيا ۽ انفارميشن گروپ جي اه??يت تي زور ڀريو. هن پروبيشنري آفيسرن جي حوصلا افزائي ڪئي ته هو جمهوري عمل ۾ عوام ج?? شموليت کي وڌائڻ لاءِ جديد مواصلاتي اوزارن کي استعمال ۾ آڻڻ لاءِ سرگرم رهن.