اسلام آباد – 19 نومبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر ??حس?? اقبال چيو ??هي?? ته تعليمي نظام کي جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ نه رڳو وقت جي ضرورت ??هي?? پر اسان جي ايندڙ نسلن جي ڪاميابي لاءِ بنيادي شرط به آهي. تختي کان ٽيڪنالاجي تائين جو سفر اسان جي تعليم جي ارتقا جي عڪاسي ڪري ٿو ۽ هي سفر تيز رفتار ترقي طرف اشارو ڪري ٿو. انهن خيالن جو اظهار هن انٽر بورڊ ڪو آرڊينيشن ڪميشن جي انتظام هيٺ منعقد ماڊل اسيسمنٽ فريم ورڪ جي لانچنگ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته اڄ جو دور علم تي ٻڌل معيشت جو ??هي?? جتي ٽيڪنالاجي، تخليقي ص??احيتن ۽ جديد مهارتون نوجوانن لاءِ عالمي معيشت ۾ مقام حاصل ڪرڻ جو بنيادي عنصر آهي. اسان کي پنهنجي تعليمي نظام کي اهڙي نصاب ۽ تربيتي پروگرامن سان آراسته ڪرڻ گهرجي جيڪي شاگردن کي نه رڳو موجوده دور جي پر مستقبل جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار ڪن. ان مقصد لاءِ اسان کي انقلابي قدم کڻڻا پوندا. هن چيو ته ويزن 2025ع تحت تعليم واري وزارت نصاب ۽ امتحاني نظام جي سڌارن جا منصوبا ڏنا ويا، استادن جي تربيت کان سواءِ معياري تعليم جو خواب پورو نٿو ??ي سگهي، جلد ئي اسلام آباد ۾ عالمي معيار جي ٽيچر ٽريننگ ادارو قائم ڪيو ويندو. امتحاني نظام ۾ سڌارن کان سواءِ تعليمي معيار بهتر نٿو ??ي سگهي. هن چيو ته قومي نصاب کي جديد گهرجن مطابق ڪرڻ تي ڪم شروع ٿي ويو ??هي?? قومي نصاب ڪانفرنس منعقد ڪئي پئي وڃي. ملڪ جي تعليمي ماهرن کي گهرائي جديد ٽيڪنالاجي مطابق تعليمي نصاب ٺاهيو ويندو جيڪو جديد دور جي گهرجن مطابق هجي، پاڪستان ايجوڪيشن ڊسٽرڪٽ انڊيڪس رپورٽ اسان جي تعليمي نظام جي ناڪامي جي عڪاس ??هي?? تعليمي ايمرجنسي نه لڳائي ته دنيا کان پوئتي رهجي وينداسين. ارڙهين ترميم کان پوءِ اسان اهو سوچيو ته صوبن وٽ هي شعبه وڃڻ کان پوءِ ڪارڪ??دگ?? بهتر ٿيندي پر ايئن نه ٿيو. هن چيو ته فائيو ايز فريم ورڪ ۾ معياري تعليم جي فراهمي فائيو ايز جو هڪ اهم جزو اهي، ٻارن ۾ پاڻ سڃاڻڻ جي ص??احيت اجاگر ڪرڻ جي ضرورت ??هي?? تعليمي بورڊز کي خوداحتسابي ذريعي پنهنجي ڪارڪ??دگ?? بهتر بڻائڻي پوندي.