اسلام آباد-24 ن??مب?? (اي پي پي) نائب وز??را??ظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته خدارا پاڪستان کي پنهنجي گندي سياست تي اوليت ڏيو. ڊپٽي وز??را??ظم آفيس طرفان ملڪ جي موجوده صورتحال جي حوالي سان جاري بيان ۾ هن سوال ڪيو ته سياسي احتجاج يا ملڪ جي عزت ۽ وقار سان سوچيل سمجهيل سازش ۽ راند؟ هن چيو ته تحريڪ انصاف هر ڀيري احتجاج جو سڏ اهڙي و??ت تي ڇو ٿي ڏي جڏهن اهم عالمي شخصيتون پاڪستان اچي رهيون هجن، توڙي اهي 14 آڪٽوبر تي چيني وز??را??ظم جو دورو هجي، 15 -16 آڪٽوبر تي ايس سي او سمٽ لاءِ دنيا جي سربراهن جو پاڪستان اچڻ هجي يا اڄ ??ان شروع ٿيندڙ بيلاروس جي صدر جو دورو هجي، جنهن لاءِ سندس وزير ۽ اهم ڪاروباري شخصيتون پهچي چڪيون آهن. محمد اسحاق ڊار وڌيڪ چيو ته خدارا پاڪستان کي پنهنجي گندي سياست تي اوليت ڏيو.