اسلام آباد – 12 ڊسمبر (اي پي پي) گهرو معاملن جي وفاقي وز??ر محسن نقوي سان تحريڪ انصاف پارليمنٽيرين جي باني پرويز خٽڪ ملاقات ??ئي جنهن ۾ سياسي معاملن، ملڪ جي مجموعي صورتحال سميت ٻين گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ??ئي وئي. پرويز خٽڪ اسلام آباد ۾ احتجاج دوران شرپسندن جي حملي ۾ شهيد پوليس ۽ رينجرز ??هل??ارن جي شهادت تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. گهرو وزارت جي ترجمان مطابق ملاقات ۾ خيبرپختونخوا ۾ امن امان قائم ڪرڻ بابت قدمن تي پڻ ڳالهه ??ول??ه ??ئي وئي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان جي ترقي ۾ رڪاوٽون وجهندڙ عنصرن جو ڀرپور مقابلو ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. گهرو وز??ر چيو ته پاڪستان اسان سڀني جو آهي ۽ سڀني کي گڏجي ان کي اڳتي کڻي وڃڻو آهي، عوام رڳو پنهنجن مسئلن جو حل چاهي ٿو. هن چيو ته پاڪستان جو مستقبل شاندار آهي، دنيا جي ڪا طاقت ترقي کان روڪي نٿي سگهي.