استنبول-15 ڊسمبر (اي پي پي)سڌ سماءَ، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاالله تارڙ شام ۾ ڦاٿل پاڪستاني شهرين جي بيروت رستي فوري واپسي ۾ سهولت فراهم ڪرڻ تي ل??نان جي قيادت جو ٿورو مڃيندي چيو آهي ته ??زيراعظم شهباز شريف جي ڪال تي ل??نان جي وزيراعظم فوري ايڪشن وٺندي شام ۾ ڦاٿل پاڪستانين کي فوري سهولت فراهم ڪئي جنهن سان اسانجي ل??ڳاپن جي مضبوطي ظاهر ٿئي ٿي، پاڪستان لبنان سان لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو خواهشمند آهي. استنبول ۾ لبنان جي اطلاعات واري وزير ميڪيري سان ملاقات دوران ڳالهائيندي عطاالله تارڙ لبنان جي علائقائي سالميت ۽ امن قائم ڪرڻ جي حوالي سان حمايت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته ??نهي ملڪن جي وزيراعظمن وچ ۾ ٿيل ڳالهه ٻولهه شام ۾ ڦاٿل پاڪستانين جي وطن واپسي جو رستو هموار ڪيو جنهن تي ل??نان جي ??ڪو??ت جا ٿورائتا آهيون. هن چيو ته ??اڪستان ۽ لبنان وچ ۾ ڀائراڻا ۽ گرمجوشي تي ٻڌل لاڳاپا آهن، پاڪستان لبنان سان لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو خواهشمند آهي. وفاقي وزير چيو ته سموري پاڪستاني قوم ان ڏکئي وقت ۾ لبنان جي عوام سان گڏ بيٺل آهي. ان موقعي تي ل??نان جي اطلاعات واري وزير چيو ته ??اڪستان هر ڏکئي وقت ۾ لبنان جو ساٿ ڏنو. هن چيو ته جنگ سبب متاثر لبنان جي عوام لاءِ امدادي سامان موڪلڻ تي وزيراعظم شهباز شريف ۽ پاڪستان جي ??ڪو??ت جا ٿورائتا آهيون. هن چيو ته ??نهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن جي مضبوطي ان ڳالهه مان ظاهر ٿئي ٿي ته ڏکئي وقت ۾ پاڪستان لبنان جي عوام جي امداد ڪئي. هن چيو ته بيروت ايئرپورٽ تي پاڪستانين جو وڏو انگ ڏسي خوشي ٿي ته اهي وطن واپس موٽي رهيا آهن. لبنان جي اطلاعات واري وزير ٻه طرفا لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.