اسلام آباد – 01 – جنوري (اي پي پي) وزيراع??م محمد شهباز شريف چيو آهي ته 2024ع جو سال پاڪستان جي لاءِ شاندار ڪاميابين جو سال رهيو، معيشت کي پاڻڀرائيپ جي پٽڙي تي وجهندي 2025?? جي شروعات تي مستحڪم، روشن ۽ خوشحال مستقبل جي لاءِ پرعزم آهيون، نئين عيسوي سال 2025?? جي شروعات تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم پوري قوم کي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته 2025?? جو سج اسان جي ملڪ پاڪستان جي لاءِ ترقي ۽ خوشحال?? جي نويد کڻي اڀري، نئ??ن سال ۾ اسان گذريل سال جي پنهنجي انفرادي ۽ گڏيل زندگين جي غلطين کي سڌاري هڪ نئين شروعات ڪريون ۽ هڪ نئين روشن مستقبل جي شروعات ڪريون. وزيراع??م محمد شهباز شريف چيو ته آئون دعاڳو آهيان ته 2024ع ۾ دنيا کي جن معاشي، سياسي ۽ امن امان جا بحران درپيش رهيا، نئ??ن سال ۾ انهن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ مثبت اڳڀرائي ٿئي. هن چيو ته نئون سال پاڪستان سميت پوري دنيا مان بک، جنگ، دهشتگردي، ڏوهن، فرقيواريت ۽ طبقاتي ورڇ جي خاتمي جو سال ثابت ٿئي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته 2024ع جو سال اسان جي پياري پاڪستان جي لاءِ شاندار ڪاميابين جو سال هو، 2024ع دوران اسان جا معاشي انگ اکر بهتر ٿيا، عالمي مالياتي ادارن پاڪستان تي پنهنجي اعتماد جو اظهار ڪيو. هن چيو ته سال 2024ع ۾ دوست ۽ ڀائر ملڪن سان اربين رپين جي سيڙپڪاري جا معاهدا ٿيا ۽ معيشت جي ڊيجيٽائيزيشن تي ڪم جي شروعات ڪئي وئي. هن چيو ته اسان باضابطا طور تي قومي اقتصادي ٽرانسفارميشن پلان ”اڏار پاڪستان“ جاري ڪري ڇڏيو آهي. اڏار پاڪستان اصل ۾ معيشت کي هڪ نئون رخ ڏيڻ، جامع ترقي کي فروغ ڏيڻ ۽ پائيدار ترقي حاصل ڪرڻ جي لاءِ منهنجي حڪومت جو عزم آهي. وزيراعظم چيو ته هاڻي جڏهن ته اسان 2025?? ۾ داخل ٿي رهيا آهيون ۽ معيشت کي پاڻڀرائپ جي پٽڙي تي وجهي ڇڏيو آهي ته اڄ جي ڏينهن اسان هڪ مستحڪم، روشن ۽ خوشحال مستقبل جو عزم ڪريون ٿا. هن چيو ته 2024ع جو سال فلسطين ۾ اسرائيلي ظلمن جي حوالي سان بدتر??ن سال رهيو جنهن ۾ اسرائيلي قابض فوج ظلم جا اهي داستان لکيا جن جو مثال تازي تاريخ ۾ نه ٿو ملي. اهڙي طرح ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ اسان جا مظلوم ڀائر ۽ ڀينر ڀارتي قابض فوج جي ڏاڍ جو شڪار رهيا. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته 2025?? ۾ فلسطين ۽ ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير پنهنجي آزاد?? جي جدوجهد ۾ ڪامياب ٿئي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته 2024ع ۾ اسان جي بهادر سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي خلاف ڪاميابيون حاصل ڪيون، دهشتگرد?? جي خلاف ان جنگ ۾ اسان جي سيڪيورٽي فورسز جي بهادر جوانن شهادت ماڻي، جن جون قربانيون قوم تاحيات ياد رکندي. وزيراع??م محمد شهباز شريف پنهنجي پيغام جي آخر ۾ چيو ته اچو! نئ??ن سال جي شروعات ۾ اسان اهو واعدو ڪريون ته هن ملڪ کي قائداعظم ۽ علامه اقبال جو پاڪستان بڻائڻ جي لاءِ ڪنهن به قرباني کان نه ڪيٻائينداسين، هن ملڪ جي حفاظت ۽ تعمير ۽ ترقي ۾ پنهنجو رت پگهر هڪ ڪنداسين. هن دعا ڪئي ته 2025?? اسان جي قوم جي لاءِ خوشقسمتي ۽ بي پناهه خوشين جو سال هجي.