اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا انڪم ٽيڪس آرڊيننس 2024ع ۾ بئنڪنگ ڪمپنيز جي حوالي سان ترميمن، سوسائٽيز، رجسٽريشن ??يڪٽ 1860ع ۾ ترميم??، ڪاربن مارڪيٽ ۾ واپار جي حوالي سان پاليسي گ??ئيڊ لائينز ۽ خيبرپختونخواهه صوبي جي سمورن ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ??جز کي انشورنس ٽربيونل جا اضافي اختيار ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعظم آفيس پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ ٿيو. وفاقي ڪابينا روينيو ڊويزن جي سفارش تي انڪم ٽيڪس آرڊيننس 2024ع ۾ بئنڪنگ ڪمپنيز جي حوالي سان ترميمن جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا قانون ۽ انصاف واري وزارت جي سفارش تي سوسائٽيز رجسٽريشن ??يڪٽ 1860ع ۾ ترميمن جي پڻ منظوري ڏئي ڇڏي. ڪابينا موسمياتي تبديلي ۽ موسمياتي ڪوآرڊينيشن واري وزارت جي سفارش تي ڪاربن مارڪيٽ ۾ واپار جي حوالي سان پاليسي گ??ئيڊ لائينز جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا معزز پشاور هاءِ ڪورٽ جي حڪمن ۽ قانون ۽ انصاف واري وزارت جي سفارش تي خيبرپختونخواهه صوبي جي سمورن ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ??جز کي انشورنس ٽربيونل جا اّتيار ڏيڻ جي پڻ منظوري ڏئي ڇڏي.