اسلام آباد – 03 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف فتنه الخوارج جو مڪمل خاتمو ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته پاڪستا?? جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ سڀ گڏجي ان ف??ني جو خاتمو ڪنداسين، سوشل ميڊيا تي پاڪستا?? جي خلاف جيڪو زهر اوڳاڇيو پيو وڃي ان کي روڪڻو پوندو، پاڪستا?? جي خلاف جيڪي سازشون ڪيون پيون وڃن انهن ۾ ملوث عنصر?? جي پوري طرح ڄاڻ آهي، جيڪي اهي سمجهن ٿا ته اسا?? جي جوانن جون قربانيون رائيگان وينديون اهي تمام وڏي ڀُل ۾ آهن. پنهنجي صدارت ۾ نيشنل ايڪشن پلا?? جي ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم اجلاس ۾ شريڪ وفاقي وزيرن، آرمي چيف، چئني صوب?? جي وڏن وزيرن، چيف سيڪريٽريز، آزاد ڪشمير جي وزيراعظم، گلگت بلتستا?? جي وڏي وزير ۽ اعليٰ عملدار?? جي آجيان ڪئي. وزيراعظم شرڪت ڪندڙن کي مبارڪباد ڏني ته پاڪستان سلامتي ڪائونسل جي غيرمستقل ميمبر جي حيثيت سان پنهنجون ذميواريون سنڀالي ورتيون آهن. وزيراعظم چيو ته سلامتي ڪائونسل ۾ اسان جون ذميواريون ٻن سال?? جي لاءِ آهن، پاڪستان ان حيثيت سان انٽرنيشنل ڊپلوميسي ۾ پنهنجي پوري صلاحيت سان ڀرپور ڪردار ادا ڪندو. وزيراعظم سلامتي ڪائونسل جو غيرمستقل ميمبر بڻجڻ جي لاءِ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ۽ سندس ٽيم جي ڪوششن کي پڻ ساراهيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان عالمي ام?? جي لاءِ پنهنجو سفارتي ڪردار بهتر طريقي سان نڀائيندو. وزيراعظم ٻڌايو ته صوبن ۾ سي ٽي ڊي کي مضبوط ڪيو پيو وڃي، پنجاب ان حوالي سان سڀني کان اڳتي آهي. هن چيو ته پوليس کي جديد تربيت، ٽيڪنالاجي ۽ اوزارن سان ليس ڪرڻو پوندو، ميرٽ تي ڀرتيون ڪرڻيون پونديون. خاص طور تي اهڙين حالتن ۾ جڏهن دشمن ڪڌي مقصد?? جي لاءِ گهات لڳائي ويٺل آهي، اهي قدم انتهائي اهم آهن. خيبرپختونخواهه ۾ خارجي گهُس ڀيٽيا ملڪ جي امن جا دشمن آهن. سرحد پار کان ڪجهه ڏينه?? جيڪو حملو ٿيو ان جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويو آهي. بلوچستان ?? پاڪستا?? جي خلاف مختلف قسم جون سازشيون ٺاهيون پيون وڃن، انهن ۾ ملوث خارجي هٿ جي پوري طرح سان ڄاڻ آهي ته ڪٿان ڪٿان کان انهن کي مدد ۽ حمايت ملي رهي آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستا?? جي ترقي ۽ خوشحالي جو خواب تڏهن ئي پورو ٿي سگهي ٿو جڏهن اسان سڀ گڏجي چئني صوبن، وفاق، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ ا??ن اما?? جي صورتحال کي بهتر بنايون. هن چيو ته فتنه الخوارج جو مڪمل خاتمو ڪرڻ جو وقت اچي چڪو آهي، وفاق، صوبن ۽ دفاعي ادارن کي گڏجي ٺوس حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي، پاڪستا?? جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ بطور وزيراعظم منهنجي ڪا پسند يا ناپسند نه آهي، قومي مفاد سڀني کان مٿانهون آهي ۽ مون کي يقين آهي ته سمورن شرڪت ڪندڙ?? جي اها ئي سوچ آهي جيڪڏهن ان سوچ کي عملي جامعو پارايو وڃي ته ڪا مشڪل مشڪل نه رهندي. هن چيو ته ڊيجيٽل محاذ تي پاڪستان کان ٻاهر ويٺل دوست نما دشمن ۽ ايجنٽ جيڪو زهر اوڳاڇي رهيا آهن ۽ جهڙي طرح اهي پاڪستا?? جي خلاف سوشل ميڊيا تي مهم هلائي رهيا آهن اهو هڪ تمام وڏو چئلينج بڻجي چڪو آهي، ڪوڙ ۽ حقيقتن کي مسخ ڪري پاڪستا?? جي خلاف ماحول ٺاهيو پيو وڃي. وزيراعظم چيو ته اسلام آباد تي گذريل ڏينهن ۾ جيڪا ڪاهه ڪئي وئي ا?? جي آڙ ۾ ڪوڙ جو طوفان ۽ حقيقتن کي ميساري جهڙي طرح جي پروپئگنڊه ڪئي وئي ان جو تازن وقتن ۾ مثال نه ٿو ملي، ان کي مُنهن نه ڏنو ويو ته سموريون ڪوششون رائيگان وينديون. هن چيو ته ان حوالي سان وفاق قدم کڻي رهيو آهي، صوبن کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. وزيراعظم ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته اسلام آباد تي چڙهائي دوران رينجرز جي شهيد جوان?? جي حوالي سان ڪوڙيون ڪهاڻيون ٺاهيون ويون. وزيراعظم چيو ته هٿياربند فوج، پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا جيڪي لازوال قربانيون ڏئي رهيا آهن اهي رائيگان نه وينديون. جيڪي ان کي ضايع ڪرڻ چاهين ٿا اهي تمام وڏي ڀُل ۾ آهن. پاڪستان قرباني?? جي ڪري ئي قائم ۽ دائم رهندو. اسان گڏجي ان ف??ني جو خاتمو ڪنداسين ۽ پاڪستان کي ترقي جي رستي تي گامزن ڪنداسين.