اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ عالمي بئنڪ جي تعاون کي سار??هي??دي زراعت، پيشيواراڻي تربيت ۽ توانائي جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضب??ط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ون?? پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف سان ورلڊ بئنڪ ڏکڻ ايشيا ري??ن جي نائب صدر مسٽر هارٽ وگ شيفر ملاقات ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف نائب صدر جي آجيان ڪندي پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ عالمي بئنڪ جي تعاون کي سار??هي??. وزيراعظم ڌرين جي وچ ۾ گڏيل لاڳاپن خاص طور تي زراعت، پيشيواراڻي تربيت ۽ توانائي جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضب??ط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ڌرين ويجهي رابطي ۾ رهڻ ۽ گڏيل مقصد حاصل ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.