اسلام آباد – 10 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڪستان سٽيزن پورٽل تي شهرين پاران داخل ڪيل شڪايتن لاءِ جوڙيل طريقيڪار موجب نه اڪلائڻ يا حل ۾ دير جو ??خت نوٽيس وٺندي سمورين وزارتن کي هدايت ڪئي آهي ته لاڳاپيل آفيسرن جي ڪارڪردگي جو ??ائزو وٺڻ جي لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙي وڃي. وزيراعظم آفيس پاران سمورين وزارتن ۽ ڊويزنن کي لکيل خط موجب ڪجهه آفيسرن جي ڪارڪردگي جي جائزي کانپوءِ ان ڳالهه جو ??نڪشاف ٿيو آهي ته شڪايتن کي نه ئي جوڙيل طريقيڪار موجب اڪلايو ويو ۽ نه ئي مناسب سطح تي انهن ج?? ازالي لاءِ ڪو فيصلو ڪيو ويو.