اسلام آباد – 03 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊ??ڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته شهباز شريف جا اعمال ان جي سامهون اچي رهيا آهن، نئين پاڪستان ۾ ادارا آزاد ۽ خودمختيار آهن، احسن اقبال صاحب! توهان ڪيستائين ڪرپشن جو دفاع ۽ ڪوڙ جو اقبال بلند ڪندا؟ وزيراعظم عم??ان خان مخالف ڌر جي اکين ۾ ان لاءِ کُٽڪي ٿو ته هو پنهنجي ذات جي نه پاڪستان جي ڪاز جي جنگ وڙهي رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ ڪيو.