اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاش?? اعواڻ چيو آهي ته عالمي برادري ڀارت ۾ تڪراري شهريت قانون ۽ انساني حقن جون خلاف ورزيون ڏسي رهي ??هي. هو پي آءِ ڊي ۾ چترال پريس ڪلب جي نئين چونڊيل ع??دي??ارن جي حلف برداري واري تقريب کي خطاب ۽ صحافين سان ڳالهائي رهي هئي.