اسلام آباد – 05 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم ??ي صحت واري صلاحڪار ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو آهي ته ڪرونا وائرس کان بچاءُ لاءِ وفاق، صوبا ۽ سمورا ادارا مڪمل طور تي تيار آهن، سمورين زميني رستن ۽ هوائي اڏن تي اسڪريننگ ڪئي پئي وڃي، سڀني ک?? گڏجي عوام کي تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، هيستائين 7 لک 60 هزار کان و??يڪ مسافرن جي اسڪريننگ ڪئي وئي آهي، ڪرونا وائرس کي منهن ڏيڻ لاءِ هر ممڪن قد??ن کي يقيني بڻايو پيو وڃي. ڊاڪٽر ظفر مرزا ??ي صدارت ۾ ايمرجنسي ڪور گروپ جو اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ هيلٿ واري وفاقي سيڪريٽري سيد توقير حسين شاهه، ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر اين آءِ ايڇ، پاڪ فوج جو نمائندو ۽ ٻيا شامل هئا، اجلاس ۾ موجوده صورتحال ۾ ملڪ ۾ ڪرونا وائرس کان بچاءُ لاءِ کنيل قد??ن جو جائزو ورتو ويو.