اسلام آباد – 15 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ڪرونا وائرس تي سارڪ وڊيو ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ان ??الهه جو ثبوت آهي ته پاڪستان خ??ي جي عوام جي زندگي ۽ ان جي صحت بابت اهو ئي فڪر ۽ احساس رکي ٿو جيڪو پنهنجي شهر??ن جي حوالي سان ان ??ي آهي، سارڪ تنظيم خطي ۾ رهندڙ عوام جي گڏيل مفادن بابت هڪ اهم ادارو آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته سارڪ تنظيم خطي ۾ رهندڙ عوام جي گڏيل مفادن بابت هڪ اهم ادارو آهي، ان اداري جي حقيقي ڪردار جو ان ??ان بهتر وقت ٻيو نه ٿو ٿي سگهي.