اسلام آباد – 22 مئي (اي پي پي) وزيراعظم جي صحت واري خاص مع??ون ڊاڪٽر ظفر مرزا هڪ ڏينهن ۾ 2603 ڪيسز رپورٽ ۽ 50 فوتگين تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي پوري قوم کي اپيل ڪئي آهي ته لاڪ ڊائون ۾ نرمي دوران رش وارين جاين، شاپنگ مالز ۽ گهرن ۾ ماسڪ جو استعمال لازمي، سماجي فاص??و برقرار رکي ٻي صورت ۾ صورت??ال وڌيڪ بگڙي سگهي ٿي، هي عيد گذريل سمورين عيدن کان مختلف هوندي، عيدالفطر جي موقعي تي گلي نه ملو، سماجي فاص??و برقرار رکو، 50 سالن کان وڏي عمر جا ماڻهو گهرن ۾ ئي رهن. هو نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ۾ ميڊيا کي بريفنگ ڏئي رهيو هو.