اسلام آباد – 28 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته جهاز حادثي جي شفاف ۽ غير جانبدار انڪوائري ۽ واقعي سان جڙيل حقيقتن کي منظر ??ام تي آڻڻ لاءِ ڪا به ڪسر نه ڇڏي وڃي، عيد جي موقعي تي جهاز حادثي قوم لاءِ هڪ تمام وڏو سانحو آهي، آئون انساني جان??ون ضايع ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪريان ٿو ۽ ڏک جي ان گهڙي ۾ ڏکويل خاندانن جي ڏک ۾ شريڪ آهيان، ان افسوسناڪ واقعي جي تحقيقات ۾ انصاف جون سمور??ون گهرجون پور??ون ڪ??ون وينديون، حقيقتن ۽ تفصيلن کان عوام کي مڪمل طور تي آگاهه ڪيو ويندو، سول ايوي ايشن، پي آءِ اي، لاڳاپيل ادارن ۽ هوائي سفر سان جڙيل عمل ۽ سڌارن جي عمل کي تيز ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ پي آءِ اي جي مسافر جهاز حادثي جي حوالي سان اعليٰ سطح جي بريفنگ جي موقعي تي ڪيو.