اسلام آباد – 18 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات ??ار?? وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پاڪستان جي عوام جي سامهون ٻه سالا ڪارڪردگي رپورٽ پيش ڪري رهيا آهيون جيڪو جمهوري حڪومت جو طرز عمل هوندو آهي، وزيراعظم عمران خان 1996ع ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جو بنياد رک??و، ان جو محور ساڄي ۽ کاٻي بدران درست ۽ غلط بڻا??و، هڪ طرف ذا??ي مفاد ۽ ٻي طرف ملڪ ۽ قوم جي ترقي، خوشحالي جي بينادي مقصدن کي حاصل ڪرڻ آ??ي جنهن کي اسان پنهنجي ترجيحي بڻايو آهي ۽ انهي بياني کي اڳتي وٺي وڌي رهيا آهيون، مديني جي رياست جا ٽي بنيادي ٿنڀ رحم، انصاف ۽ احساس اسان جي دفاعي، معاشي ۽ ثقافتي سرگرمين جو احاطو ڪن ٿا. پاڪستان جي عوام ذا??ي مفاد جي بياني کي رد ڪري ڇڏيو آهي، اسان جو مقصد ذا??ي ڪاميابين جي تشهير نه پر اندروني ۽ ٻاهرين محاذن تي دشمن جي ارادن جي خلاف وڙهڻ آهي، دشمن سدائين اسان جي معيشت کي نقصان پهچائي نااميدي ۽ افراتفري پکيڙڻ چاهي ٿو ۽ اطلاعات ??ار?? وزارت ان جنگ جو ڀرپور مقابلو ڪندي، حڪومت جي ڀرپور جدوجهد جي نتيجي ۾ ڏکيو وقت گذري چڪو، سٺو وقت شروع ٿي ويو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان تحريڪ انصاف جي موجوده حڪومت جا ٻه سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، منصوبابندي ۽ ترقي ??ار?? وفاقي وزير اسد عمر، صنعت ۽ پيداوار ??ار?? وفاقي وزير حماد اظهر، ناڻي ??ار?? صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر سان گڏ پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.