اسلام آباد – 15 نومبر (اي پي پي) وفاقي حڪومت جو صحت سهولت جو پرو??را?? سماجي صحت جي ت??فظ جو هڪ عالمگير فليگ شپ پرو??را?? آهي، جنهن وسيلي غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاريندڙ ماڻهن کي علاج جي مفت سهولتن جي فراهي يقيني بڻائي ويندي آهي. اهو پرو??را?? انڊور پيشنٽ جي سارسنڀال ۽ علاج لاءِ آهي تنهن هوندي به مستقبل ۾ ??ن جو دائرو آئوٽ ڊور مريضن تائين وڌايو ويندو. مستحقين جي چونڊ بينظير انڪم سپورٽ پرو??را?? ذريعي ڪئي ويندي آهي جنهن جي نادرا تصديق ڪندو آهي، سرڪاري ذريعن موجب قومي خوشحالي سروي جي ذريعي غربت بابت ڊيٽابيس کي شامل ڪيو ويندو، 2016ع کان 2018ع جي دوران ان پرو??را?? جي پهرين مرحلي جو آغ??ز ڪيو ويو جنهن جو مرڪز غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاريندڙ خاندان آهن. ان پرو??را?? تحت گهٽ خرچ وارين بيمارين جي لاءِ ساليانو 50 ه??ار جڏهن ته 2 لک 50 ه??ار روپيا هر ان خاندان کي فراهم ڪيا پيا وڃن جن ۾ 7 ترجيحي بيمارين مان ڪنهن هڪ جي نشاندهي ٿيندي، ان عرصي دوران اهو پرو??را?? سڄي ملڪ جي 38 ضلعن ۾ شروع ڪيو ويو جنهن ۾ 32 لک خاندانن کي پهچ ڏني وئي آهي. 2019ع ۾ ان پرو??را?? جي ٻئي مرحلي جو آغ??ز ڪيو ويو، ان پرو??را?? تحت اهڙيون بيماريون جنهن جا گهٽ خرچ آهن في خاندان 60 ه??ار روپيا جڏهن ته اهڙين بيمارين جنهن جا خرچا وڌيڪ ايندا هجن انهن تي في خاندان 3 لک روپيا ڏنا ويا ۽ ??ن جو دائرو 92 لک خاندانن تائين وڌايو ويو، اهو پرو??را?? آزاد ڄمون ۽ ڪشمير سميت گلگت بلتستان، پنجاب، ٿرپارڪر ۽ خيبرپختونخواهه جي پٺئتي پيل ضلعن جي ضرورتمند خاندانن کي سهولت فراهم ڪري رهيو آهي، قومي صحت ڪارڊ جي پرو??را?? ۾ مريضن جا آپريشن، دل جي مريضن کي اسٽنٽس وجهڻ، ڪينسر جي مريضن جي علاج، نيورو سرجيڪل پروسيجر، باهه سبب سڙيل مريضن جو علاج، حادثن ۾ زخمي ٿيندڙ ماڻهو، گردي جي مريضن جي لاءِ ڊائيلاسز، انتهائي نگهداشت جي سهولت ۽ ٻي ضروري طبي امدادي فراهم ڪئي ويندي جڏهن ته عورتن جي لاءِ ميٽرنٽي پيڪيج فراهم ڪيو ويو آهي، هلندڙ مالي سال جي دوران وفاقي حڪومت ڪوشان آهي ته ان پرو??را?? جو دائري ڪار آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي 12 لک خاندانن تائين وڌايو وڃي، وزيراعظم جي قومي هيلٿ سروسز بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان چيو آهي ته وزيراعظم عالمگير هيلٿ ڪوريج ويزن تحت نيشنل هيلٿ سروسز واري وزارت صوبن ۽ علائقن جي سهڪار سان صحت سهولت پرو??را?? کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي آهي. مريضن جي اطمين??ن جي جائزي مان ظاهر ٿيو آهي ته 97.5 سيڪڙو اطمينان بخش شرح سامهون آئي آهي، موجوده حڪومت صحت پرو??را?? جي قبائلي علائقن تائين توسيع ڏئي ڇڏي آهي. نادرا سان رجسٽرڊ معذور ماڻهن جي لاءِ به اها سهولت دستياب هوندي، پرو??را?? جي اهميت کي نظر ۾ رکندي پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت پنهنجي منشور تحت سمورن شهرين کي معياري سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ سڄي پاڪستان ۾ صحت سهولت پرو??را?? تحت صحت انصاف ڪارڊ پرو??را?? کي سگهه ڏيندي، ان پرو??را?? تحت غريب خاندانن کي انڊور هيلٿ ڪيئر سروسز جي لاءِ مفت هيلٿ انشورنس فراهم ڪري رهي آهي، هن چيو ته مريضن جي علاج کانپوءِ کين گهرن ۾ منتقلي جي لاءِ ٽرانسپورٽيشن جي سهولت به فراهم ڪئي ويندي.