لڪسم??رگ – 05 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان ڪشميري انساني حقن جي ڪارڪن ۽ سياسي اڳواڻ آسيه اندرابي جو معاملو يورپي يونين آڏو اٿاريو آهي. ان سلسلي ۾ يورپي يونين، بيلجيئم ۽ لڪسم??رگ ۾ پاڪستان جي سفير ظهير اي جنجوعه يورپي پارليامينٽ ۾ سياسي گروپ جي سربراهه ۽ يورپي يونين جي انساني حقن بابت جي خصوصي نمائندي کي هڪ خط لکيو آهي. پاڪستان يورپي يونين تي زور ڏنو آهي ت?? اها ڀارت جي بدنام زمانه تهار جيل ۾ قيد ڪشميري انساني حقن جي سرگرم ڪارڪن ۽ سياسي اڳواڻ آسيه اندرابي جي فوري آزادي جي لاءِ مداخلت ۽ عدالت پاران فرد جر?? لاڳو ڪرڻ جي خطري کي روڪڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.