اسلام آباد – 07 – جنوري (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت هيٺ توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي جو اجلاس اسلام آباد ۾ منعقد ٿيو. پاور ڊويزن گ??دش?? قرضن جي تازه ترين صورتحال جي باري ۾ آگاهه ڪيو، ڪميٽي کي ٻڌايو ويو ته گ??دش?? قرضن ۾ اضافو روڪڻ لاءِ گ??دش?? قرض جي انتظام و انصرام جي منصوبي تي عملدرآمد جو آغاز ڪيو ويو آهي. توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي مواصلات بجلي کان ميٽر ليس سمارٽ ميٽرنگ سسٽم جي باري ۾ پيش ڪ??ل تجويزن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، ڪميٽ?? پاور ڊويزن ۽ آءِ ٽي اينڊ ٽيلي مواصلات کي هدايت ڪئي ته هو تجويز ڪيل ڊزائين تي وڌيڪ خيالن جي ڏي وٺ ڪن ۽ ڪميٽي کي گڏيل تجويزون پيش ڪ??، پيٽروليم ڊويزن بلوچستان صوبي ۾ صنعتي گئس ڪنيڪشن جي عمل کي آسان بڻائڻ جي لاءِ ڪميٽي جوڙڻ جي تجويز پيش ڪئي، ڪابينا ڪميٽي تجويز ڪيل ڪميٽي جي منظوري ??ني ۽ هدايت ڪئي ته ان جون سفارشون هڪ مهيني ۾ ڪميٽي کي پيش ڪ??ون وڃن.